تربت (م ڊ ) ڪيچ ضلعي جي مختلف علائقن سان تعلق رکندڙ گم ٿيلن جي وارثن جو اڄ ٽئين ڏينهن به ضلعي انتظاميه جي آفيس آڏو ڌرڻو جاري رهيو، جڏهن ته ڊي سي آفيس تربت، ڪمشنر مڪران ۽ فنانس ۽ ضلعي ڪائونسل جون آفيسون بند رهيون. ڌرڻي کي خطاب ڪندي گم ٿيل شهرين جي وارثن جو چوڻ هو ته هو هن ملڪ جا شهري آهن، کين آئين ۽ قانون تي پورو يقين آهي، گم ٿيلن کي آئين ۽ قانون جي حوالي ڪيو وڃي.جيڪڏهن هو ڏوهي آهن ته پوءِ کين عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي،هنن چيو ته اسان کي بار بار ڳالهين جي نالي تي گهرايو ويندو آهي، پر خالي هٿين واپس روانا ڪري ڇڏيندا آهن، جنهن ڪري هو مجبور ٿي گذريل ٻن مهينن ۾ ٽيون ڀيرو ڌرڻو هڻڻ تي مجبور ٿيا آهن. هنن چيو ته اسان وٽ پرامن احتجاج کانسواءِ ڪو ٻيو دڳ ناهي، ڌرڻي ۾ گم ٿيلن جي وارثن کان علاوه حق دو تحريڪ ڪيچ، بلوچ يڪجهتي ڪميٽي ۽ بي ايس او پجار، مردن ۽ عورتن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. وارثن جو چوڻ آهي ته ڌرڻي جو ٽيون ڏينهن گذرڻ باوجود نه ئي انتظاميا ۽ نه ئي ڪنهن سرڪاري اداري سندن مطالبن جي مڃتا لاءِ رابطو ڪيو آهي.