اسلام آباد(منيب فاروق)حڪومت عمران خان خلاف ويڙهه کي نئين شڪل ڏئي ڇڏي آهي، حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ فيصلو ڪيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي مخصوص سيٽن بابت فيصلي تي عملدرآمد ٿيڻ ناهي ڏيڻو،توهين عدالت لڳي ته لڳي وڃي، ان تي ڪو به عملدرآمد نه ڪيو ويندو، اليڪشن ڪميشن ان فيصلي تي آن بورڊ آهي، اسٽيبلشمينٽ اهو سمجهي ٿي ته مخصوص سيٽن تي سپريم ڪورٽ سني اتحاد ڪائونسل بدران پي ٽي آءِ کي گهرڻ بنا جيڪو رليف ڏنو آهي اهو قانون جي خلاف آهي،تحريڪ انصاف جي محبت ۾ سپريم ڪورٽ کليل نموني سامهون آئي آهي ته اسٽيبلشمينٽ به پنهنجو جواب ڏيڻ لاءِ تيار ويٺي آهي، جڏهن ته حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ اهو سمجهن ٿيون ته پي ٽي آءِ تي پابندي لاءِ وٽن وافر مقدار ۾ ثبوت موجود آهن،جيڪڏهن اهڙو ريفرنس سپريم ڪورٽ پهتو ته امڪان آهي ته ان جو فيصلو به اهڙو ئي ايندو جهڙو مخصوص سيٽن بابت آيو هو،اهڙي فيصلي جي صورت ۾ حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ هر صورت ۾ پي ٽي آءِ تي پابندي لڳائڻ چاهين ٿيون،پوري فوج مان اهو پيغام پي ٽي آءِ ڏانهن وڃي چڪو آهي ته عمران خان ۽ هن جي پارٽي لاءِ سسٽم ۾ ڪا به گنجائش ناهي،جڏهن ته اسٽيبلشمينٽ پاران عمران خان سان ڳالهين جي آڇ ڏيڻ جي ترديد ڪئي وئي آهي بلڪه اهو چيو ويو آهي ته عمران خان کي آفر ڏيڻ پري جي ڳالهه آهي عمران خان کان پڇيو وڃي ته هن ڪيترا ڀيرا اسان کي سڌي يا اڻ سڌي ريت ڳالهين جي آڇ ڪئي آهي؟ عمران خان کي جيل کان ٻاهر اچڻ نه ڏنو ويندو،جن رياست کي للڪاريو انهن لاءِ ڪا به معافي ناهي، ٻاهرين ملڪ ويٺل فوج کي هدف بڻائي رهيا آهن انهن لاءِ ڪا به رعايت ناهي،