ڍاڪا (م ڊ) بنگلاديش جي راڄڌاني ڍاڪا ۾ ٻن شاگرد ڌڙن ۾ جهيڙي جي نتجي ۾ 100 کان وڌيڪ شاگرد زخمي ٿي پيا.
ڍاڪا ۾ شاگردن طرفان ملازمتن جي ڪوٽا جي عارضي معطلي خلاف احتجاج ڪيو ويو، شاگردن جي احتجاج دوران پرتشدد واقعن کي روڪڻ لاءِ پوليس مقرر ڪرڻي پئي.
گذريل ڏينهن احتجاجي شاگردن ۽ وزيراعظم جي حامي شاگرد ونگ ۾ چڪريون ٿيون، احتجاج دوران ريلوي ٽريڪس ۽ اهم رستا بلاڪ ڪيا ويا.
شاگردن مطالبن جي منظوري تائين احتجاج جاري رکڻ جو اعلان ڪيو آهي.
You might also like