فواد چوڌري رٽائرڊ ججن جي مقرري تي خدشا ظاهر ڪري ڇڏيا

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري سپريم ڪورٽ ۾ ايڍاڪ ججن جي مقرري خلاف عوام ۽ وڪيلن کي احتجاج جي اپيل ڪري ڇڏي، هن الزام هنيو ته ريٽائرڊ ججن جي ٻيهر مقرري سان مرضي جا فيصلا ايندا.
اڳوڻي وفاقي وزير هڪ وڊيو بيان جاري ڪيو جنهن ۾ هن سپريم ڪورٽ ۾ ايڍاڪ ججن جي مقرري جي مخالفت ڪئي. هن چيو ته جيڪي جج ريٽائرڊ ٿي چڪا آهن، انهن جا سياسي لاڳاپا آهن، هڪ صاحب ته سنڌ جو نگران وڏو وزير رهي چڪو آهي، ان کي کڻي ٻيهر لڳايو ويندو.
سندس چوڻ هو ته هر شهري، هر وڪيل تي خاص طور تي اها ذميواري آهي ته هو ناانصافي خلاف اٿي، ڇو ته جيڪڏهن ائين ٿيو ته پوءِ انساني حق به ختم ٿيندا، سياسي حق به ختم ٿيندا، مرضي جا فيصلا ڏنا ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.