حڪومت پاران پي ٽي آءِ تي پابندي جو فيصلو، نائب وزيراعظم جو وڏو بيان

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته پي ٽي آءِ تي پابندي جو فيصلو ناهي ٿيو، تحريڪ انصاف تي پابندي مڙهڻ جو فيصلو اتحادين سان مشاورت کانپوءِ ڪيو ويندو.
لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اسحاق ڊار چيو ته ن ليگ جي حڪومت مهانگائي ناهي آندي، نواز شريف کي ڪڍي ملڪ کي بحران جي ور چاڙهيو ويو.
هن چيو ته پي ٽي آءِ ڇهن کان ستن مهينن ۾ ملڪ جو ڏيوالو ڪري هلي وئي، 2018ع ۾ ڪروڙين رپيا لڳائي اليڪشن چوري ڪري هڪ شخص کي اقتدار تي ويهاريو ويو.
هن چيو ته پي ٽي آءِ دور ۾ ملڪي معيشت 24 کان 47 هين نمبر تي هلي وئي، ن ليگ کي حڪومت جو شوق نه هو جيڪڏهن اقتدار ۾ اچون ها ته ملڪ جو ڏيوالو ٿي وڃي ها، شهباز شريف ۽ سندس ٽيم ملڪ کي ڏيوالي کان بچايو.
پرڏيهي وزير زور ڏنو ته پي ٽي آءِ خلاف اليڪشن ڪميشن وٽ پابندي مڙهيل فنڊنگ جا ثبوت آهن، اِن حقيقت کان ڪو به انڪار نه ٿو ڪري سگهي.
هن پي ٽي آءِ تي پابندي بابت اسحاق ڊار چيو ته تحريڪ انصاف تي پابندي جو فيصلو ناهي ٿيو، پي ٽي آءِ تي پابندي واري معاملي تي اتحادين سان مشاورت ڪنداسين، ن ليگ جي قيادت ۽ اتحادين سان مشاورت کانپوءِ ئي فيصلو ڪيو ويندو، قانون ۽ آئين تحت فيصلو ٿيندو، قانون ۽ آئين خلاف ڪا به سياسي فيصلو نه ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.