مسقط ( ويب ڊيسڪ ) عمان ۾ پاڪستاني سفير مسقط ۾ مارجي ويل چئن ڄڻن مان ٻن جي پاڪستاني هجڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.
پاڪستاني سفير علي عمران چوڌري هڪ بيان ۾ چيو ته عماني سرڪار ڪالهه چئن ڄڻن جي شهادت جي تصديق ڪئي ۽ واقعي ۾ هنيئر تائين ٻن پاڪستانين جي شهادت جي تصديق ڪئي وئي آهي.
پاڪستاني سفير موجب، مسقط ۾ ڪيبر وادي جي مسجد ۾ پيدا ٿيل هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ عمان جي سيڪيورٽي فورسز ڪم ڪري رهيون آهن، عمان ۾ رهندڙ سمورن پاڪستانين کي درخواست آهي ته هو انتظاميا سهڪار ڪن.
هن چيو ته زخمين کي بهتر طبي امداد ڏيڻ لاءِ ٽن اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو آهي جتي زخمين کي بهترين طبي امداد ڏني پئي وڃي.
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته سفارتي عملي سان رات اسپتال ۾ موجود هئس، عماني انتظاميا سان رابطي ۾ آهيان، جڏهن ته اختياريون حملي جي جاچ ڪري رهيون آهن.
You might also like