ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پي ٽي آءِ تي پابندي جو اعلان ڪرڻ کان اڳ پ پ قيادت سان مشاورت نه ڪئي وئي.
ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شرجيل ميمڻ چيو ته جڏهن پي ٽي آءِ باني کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته پوليس تي پيٽرول بم سان حملو ڪيو ويو.
هن چيو ته پي ٽي آءِ آءِ ايم ايف کي خط لکيو جنهن ۾ پاڪستان کي قرض نه ڏيڻ جو چيو ويو، عمران خان ادارن ۽ عوام ۾ نفرت پکيڙي.
صوبائي وزير چيو ته پي ٽي آءِ جي باني به پرويز مشرف جي ريفرنڊم جي حمايت ڪئي هئي، مخصوص سيٽن بابت عدالت جو فيصلو سمجهه کان ٻاهر آهي، ڇا پي ٽي آءِ عدالت ۾ وئي هئي ته جو کين سيٽون مليون؟
You might also like