اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ شيري رحمان چيو آهي ته اسان کي خبر ئي نه هئي ته پي ٽي آءِ تي پابندي لڳندي.
پنهنجي هڪ بيان ۾ شيري رحمان چيو ته اوهان بجيٽ ۾ به ڏٺو، اسان پنهنجي راءِ موجب ڪجهه نه ڪري سگهيا آهيون، اسان حڪومت کي چيو ته ائين نه ڪيو.
هن چيو ته اسان کي خبر نه هئي ته پي ٽي آءِ تي پابندي لڳندي، هاڻي پارٽي جيڪو به فيصلو ڪندي قبول ڪنداسين.
سندس چوڻ هو ته ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني هئڻ گهرجي ماڻهو موجودا صورتحال تي دانهون ڪري رهيا آهن.
شيري رحمان وڌيڪ چيو ته اجتماعي دانش مان فائدو وٺڻ گهرجي، ماڻهن کان پڇاڻو ٿيڻ گهرجي، هر پارٽي کي مسئلن تي سوچڻ گهرجي ۽ ملڪ کي ڏکيائين مان ڪڍڻ لاءِ حل پيش ڪرڻ گهرجي.
You might also like