اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي جج جسٽس مشير عالم ايڊهاڪ جج بڻجڻ کان معذرت ڪري ڇڏي.
جسٽس (ر)مشير عالم جڊيشل ڪميشن آف پاڪستان کي لکيل پنهنجي خط ۾ چيو ته الله حيثيت کان وڌيڪ عزت ڏني، ايڊهاڪ ججز نامزدگي کانپوءِ سوشل ميڊيا تي جيڪا مهم شروع ڪئي وئي ان سخت مايوس ڪيو.
جسٽس رٽائرڊ مشير عالم وڌيڪ لکيو ته موجودا حالتن ۾ ايڊهاڪ جج طور ڪم ڪرڻ کان معذرت چاهيان ٿو.
ٻئي پاسي ذريعن جو چوڻ آهي ته جسٽس رٽائرڊ سردار طارق مسعود ۽ جسٽس رٽائرڊ مظهرعالم ميان خيل سپريم ڪورٽ ۾ ايڊهاڪ جج طور مقرريءَ تي راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي.
ذريعن جو اِهو به چوڻ آهي ته جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر اڃا سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار کي جواب ناهي ڏنو.
ياد رهي ته سپريم ڪورٽ ۾ ايڊهاڪ ججن جي مقرريءَ لاءِ جڊيشل ڪميشن جو اجلا 19 جولاءِ تي طلب ڪيو ويو آهي جنهن ۾ ايڊهاڪ ججز لاءِ چئن نالن تي غور ڪيو ويندو.
Justice(r)MushirAlam SC adhocjudge