حڪومت خلاف پي ٽي آءِ ۽ پ پ هڪ ٿيڻ واريون؟

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪِ انصاف ن ليگ جي حڪومت خلاف بي اعتمادي رٿ آڻڻ لاءِ پيپلز پارٽي سان ڳالهين جو اشارو ڏئي ڇڏيو.
نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي پي ٽي آءِ اڳواڻ لطيف کوسي چيو ته حڪومت خلاف بي اعتماد رٿ آڻڻ لاءِ پيپلز پارٽي سان رابطي لاءِ تيار آهيون.، اسان جون فارم 47 جي حوالي سان گهڻي ڀاڱي شڪايتون نون ليگ ۽ ايم ڪيو ايم سان آهن.
هن وڌيڪ چيو ته سپريم ڪورٽ جي 11 ججن چيو ته پي ٽي آءِ هڪ سياسي پارٽي آهي ۽ رهندي، مخصوص سيٽن جي نظرثاني درخواست به ساڳن ئي ججن جي سامهون لڳندي، درخواست جي منظوري امڪان تمام گهٽ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.