موڊيز پاڪستان ۾ مهانگائي سبب سماجي ڇڪتاڻ وڌڻ جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) عالمي ريٽنگ اينجسي موڊيز چيو آهي ته نئين عالي مالياتي فنڊ ( آءِ ايم ايف ) پروگرام ذريعي پاڪستان لاءِ فنڊنگ جي امڪانن ۾ بهتري ايندي.
موڊيز پاڪستاني معيشت بابت پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته نئون آءِ ايم ايف پروگرام فنانسنگ جا معتبر ذريعا فراهم ڪندو ۽ ان سان پاڪستان لاءِ فنڊنگ جي امڪانن ۾ بهتري ايندي، جڏهن ته ان ۾ ٻين ملڪن ۽ عالمي مالياتي ادارن کان فنڊنگ حاصل ڪرڻ به شامل آهي.
موڊيز جي رپورٽ موجب، پاڪستان ۾ مهانگائي سبب سماجي دٻاءُ وڌڻ جو خدشو آهي، وڌيڪ ٽئڪسز ۽ توانائي جي اگهن ۾ مستقبل جي ايڊجسٽمينٽ سڌارن تي دٻاءُ وجهي سگهي ٿي جڏهن ته مشڪل سڌارن کي مسلسل لاڳو ڪرڻ جو مضبوط انتخابي مينڊيٽ نه هئڻ خطرا پيدا ڪري سگهي ٿو.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هلندڙ مالي سال پاڪستان جي بيروني فنانسنگ جون ضرورتون اٽڪل 21 ارب ڊالر آهن، مالي سال 2026-27 لاءِ اٽڪل 23 ارب ڊالر جي مالي ضرورتون درپيش آهن جڏهن ته پاڪستان وٽ موجودا 9 ڏهائي 4 ارب ڊالر جا مٽا سٽا وارا ذخيرا ان جي گهرجن کان گهڻو گهٽ آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.