ڪي اليڪٽرڪ سنڌ سرڪار جي هدايتن کي ٿڏي ڇڏيو !

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ڪي اليڪٽرڪ طرفان گهرو کاتي جي هدايتن کي نظر انداز ڪندي شهر جي مختلف علائقن ۾ محرم الحرام جي موڪلن باوجود اعلانيل ۽ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو سلسلو جاري آهي.
گهرو کاتي سنڌ جي راڄڌاني ۾ محرم الحرام دوران بجلي بند نه ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي.
گهرو کاتي موجب، محرم الحرام ۾ بجلي جي بندش سبب سيڪيورٽي رسڪ پيدا ٿيڻ جا خدشا آهن.
گهرو کاتي هدايت ڪئي هئي ته مذهبي ميڙاڪن کي نظر ۾ رکندي بنا بندش بجليءَ جي فراهمي جاري رکي وڃي.
ڪي اليڪٽرڪ طرفان گهرو کاتي جي هدايتن باوجود شهر ۾ اعلانيل ۽ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو سلسلو جاري آهي.
فيڊريل بي ايريا جي مختلف بلاڪس، ناظم آباد، لياقت آباد سي ون ايريا، سٽي ريلوي ڪالوني، الله والا ٽائون، پي آءِ بي ڪالوني سميت ملير جي مختلف علائقن ۾ بجليءَ جي لوڊشيڊنگ جاري آهي جڏهن ته ڊگهي لوڊشيڊنگ سبب شهري پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.