اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ طلال چوڌري چيو آهي ته پي ٽي آءِ رياست مخالف نظريي تي هلي رهي آهي، حڪومت پي ٽي آءِ تي پابندي لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ ريفرنس موڪلڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته اهو فيصلو پي ٽي آءِ جي رياست مخالف پاليسين سبب ڪيو ويو آهي، حڪومت پي ٽي آءِ تي پابندي لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ ريفرنس موڪليندي.
اسان کي خبر آهي ته ان فيصلي تي تمام گهڻي تنقيد ٿيندي، تاريخ گواهي ڏيندي ته مسلم ليگ ن کي سياسي نقصان ٿيو پر رياست کي بچايو ويو.
طلال چوڌري چيو ته اهڙي قسم جي فيصلي تي پي ٽي آءِ مجبور ڪيو رياست جي مفاد ۾ سموري ڄاڻ سپريم ڪورٽ ڏانهن موڪلي ويندي.
You might also like