” ڄاڃين لاءِ گوشت ڇو ناهي؟“ گهوٽ جي مائٽن جو ڪنواريتن کي ڪٽڪو

ڀارت ۾ هڪ شادي جي تقريب دوران ماني ۾ گوشت نه ڏيڻ جي ڳالهه تان گهوٽيتن ڪنواريتن تي لتن ۽ ٺونشن جو وسڪارو لائي ڏنو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ڪجهه ڏينهن اڳ اتر پرديش رياست جي ضلعي ديوريا ۾ ٿيل هڪ شادي جي تقريب دوران کاڌي جي مينيو ۾ پنير، پلاءُ ۽ مختلف سبزيون شامل هيون جڏهن ته گهوٽيتن کي مبينا طور ڏاج جي صورت ۾ لکين رُپيا به ادا ڪيا ويا.
پر ماني ۾ گوشت ۽ مڇي نه ڏيڻ جي ڳالهه تان گهوٽيتن ۽ سندس مائٽ تپي باهه ٿي ويا ۽ ڪنوار جي گهرڀاتين تي لتن ۽ ٺونشن جو وسڪارو لائي ڏنو ۽ کين لٺيون سان تشدد جو نشانو بڻايو.
واقعي کانپوءِ ڄڃ واپس هلي وئي ۽ شادي ختم ٿي وئي جنهن کانپوءِ ڪنواريتن گهوٽ ۽ ڄاڃين خلاف پوليس ۾ مارڪٽ ۽ ڏاج جو ڪيس داخل ڪرايو.
ڪنواريتن طرفان داخل ڪيل ڪيس ۾ چيو ويو آهي ته گهوٽ، سندس پيءُ ۽ ٻين ڄاڃين ماني ۾ گوشت نه ڏيڻ تي گارگند ڪئي جڏهن ان ڳالهه تي بحث ٿيو ته انهن اسان کي لٺين سان مارڻ شروع ڪيو ۽ لتون به هنيون.
ايف آءِ آر ۾ اِهو به ڄاڻايو ويو آهي ته گهوٽيتن کي اٽڪل پنج لک رپيا ڏاج طور ڏنا ويا آهن، ٻئي پاسي پوليس معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.