لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان پيپلز پارٽي سينٽرل پنجاب جي جنرل سيڪريٽري حسن مرتضيٰ چيو آهي ته سياسي پارٽين تي پابنديون لڳائڻ وارو فيصلو درست ناهي.
پي ٽي آءِ تي پابندي ۽ اڳواڻن تي آرٽيڪل ڇهه لڳائڻ بابت پ پ سينٽرل پنجاب جي اڳواڻ حسن مرتضيٰ جو چوڻ آهي ته سياسي پارٽين تي پابندي لڳائڻ جو فيصلو ڪنهن نموني درست ناهي، سياسي اختلافن جو مطلب اِهو ناهي ته ڪنهن پارٽي کي ختم ئي ڪري ڇڏجي سياسي جماعتن کي جهموري رستو اختيار ڪرڻ گهرجي.
هن چيو ته آرٽيڪل 6 اڳوڻي جنرل مشرف ۽ ضياءِ الحق تي لڳڻو هو جيڪو نه لڳايو ويو، سياسي پارٽين جي اڳواڻن ۽ ڪارڪن آرٽيڪل 6 جي زمري ۾ نٿا اچن.
You might also like