نائين ۽ ڏهين محرم تي ڪٿي ڪٿي موبائيل سروس بند رهندي؟ حڪومت فيصلو ڪري ڇڏيو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) نائين ۽ ڏهين محرم الحرام تي موبائيل سروس ڪٿي ڪٿي بندي هوندي، پنجاب حڪومت فيصلو ڪري ڇڏيو آهي.
امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ ۽ شهرين جي حفاظت لاءِ مخصوص هنڌن تي موبائيل سروس معطل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ڪنهن به شهر ۾ مڪمل طور تي سروس معطل نه ڪئي ويندي پر رڳو جلوس ۽ مجلسن واري علائقن ۾ ئي معطل ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.
پنجاب جي مختلف ضلعن ۾ ناهين ۽ ڏهين محرم تي صبح اٺ وڳي کان رات ڏهين وڳي تائين جزوي طور تي موبائيل سروس بند رهندي.
لاهور قصور، شيخوپورا، سرگوڌا، خوشاب، سيالڪوٽ، اٽڪ، جهلم ۽ چڪوا ۾ سروس بند نه ٿيندي، ملتان خانيوال، لوڌران، وهاڙي، ساهيوال، پاڪپتڻ، اوڪاڙا ۽ چنيوٽ ۾ موبائيل سورس بحال رهندي.
ان کانسواءِ بهاولنگر، حافظ آباد، گوجرانوالا، نارووال، ٽوبا ٽيڪ سنگهه، بکر، منڊي بهائو الدين، وزيرآباد ۽ راڄنپور ۾ جزوي طور موبائيل سروس بند هوندي.
راولپنڊي جي 28 علائقن، رحيم يار خان جي 15، ميانوالي ۽ بهالپور جي 11،11، ليا جي 10 مظفرڳڙهه جي 7 ۽ ننڪانه صاحب جي 6 علائقن ۾ موبائيل سروس بند رهندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.