اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ 16 جولاءِ کان وڏي واڌ امڪان آهي.
ذريعن موجب، پيٽرول جي قيمت ۾ في يونٽ 7 رپيا 67 پئسا ۽ هاءِ اسپيڊل ڊيزل 3 رپيا 72 پئسا وڌا جو امڪان آهي، جڏهن ته گاسليٽ جي قيمت ۾ 2 رپيا 73 پئسا في ليٽر واڌ جو امڪان آهي.
پيٽروليم شين تي ليوي وڌائڻ جي تجويز تيار ڪئي وئي آهي جنهن جي حتمي منظوري وزيراعظم شهباز شريف ڏيندو.
وزيراعظم سان مشاورت کانپوءِ ناڻي واري وزارت اڄ رات نون اگهن جو اعلان ڪندي.
You might also like