اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد جي مقامي عدالت شير افضل مروت جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.
اسلام آباد جي جوڊيشل مئجسٽريٽ نصيرآباد ٿاڻي جي هڪ ڪيس ۾ شير افضل مروت جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا.
عدالت حڪم ڏنو ته شير افضل مروت کي گرفتار ڪري 30 جولاءِ تي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.
شير افضل مروت تي ٽهليان موٽروي انٽرچينج ڀرسان پلاٽ تي بنا منظوري جي اڏاوت ڪرڻ جو الزام آهي.
Prev Post
You might also like