مخصوص سيٽون: اليڪشن ڪميشن، حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ هڪ صفحي تي اچي ويون

اسلام آباد(معظم فخر+انصار عباسي+مزمل سهروردي) اليڪشن ڪميشن ۽ حڪومت هڪ پيج تي اچي ويا، سپريم ڪورٽ جي مخصوص سيٽن بابت فيصلي کي ٻئي ردي جي ٽوڪري ۾ وجهي ڇڏينديون، ان فيصلي تي عمل نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي،ايوان ۾ قرارداد منظور ڪري اسپيڪر کي مخصوص سيٽن تي ڪامياب ٿيندڙن کان حلف کڻڻ کان روڪيو ويندو، حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن جي ان فيصلي کي اسٽيبلشمينٽ جي به حمايت حاصل آهي،اڄ ٿيندڙ قومي اسيمبلي اجلاس ڌماڪي خيز ٿيندو، مري ۾ اڄ نوازشريف جي صدارت هيٺ ٿيندڙ ن ليگ جي اجلاس ۾ به ڪجهه ٺوس فيصلا ڪيا ٿيڻ جو امڪان هو پر اجلاس اوچتو ملتوي ڪيو ويو ،ن ليگ سپريم ڪورٽ جي فيصلن کي سياسي ميدان ۾ مقابلو ڪرڻ جو پلان جوڙي ورتو آهي،غير رسمي مشاورت اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته مزاحمت ڪئي ويندي، نوازشريف عدالتي فيصلن خلاف حملن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، نئين ويڙهه سنگين ٿيڻ لڳي آهي، ماضي ۾ نوازشريف سپريم ڪورٽ جي فيصلن جو نشانو بڻجندو رهيو آهي،ٻئي پاسي ٽي ايل پي پاران فيض آباد ۾ اسرائيل خلاف لڳل ڌرڻي جي ٽائمنگ جي حوالي سان به گهڻا سوال اٿي رهيا آهن،ماڻهو سوال پيا ڪن  ته ٽي ايل پي وارن کي اوچتو غزا جي محبت ڪيئن جاڳي پئي؟ڪيئن هزارين ماڻهو فيض آباد پهچي ويا؟ ٻن ڏينهن ۾ ٿيندڙ عدالتي فيصلن تي طاقت جي ايوانن ۾ مشاورت ٿي آهي، ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ سينئر سياستدان ” ڊيپ اسٽيٽ“ جي سرگرم ٿيڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، ڊيپ اسٽيٽ جو اصطلاح هونئن اسٽيبلشمينٽ لاءِ استعمال ٿيندو آهي پر هن وقت اسٽيبلشمينٽ جي پوزيشن ڪمزور ٿي چڪي آهي ۽ عدليه طاقت جو مرڪز بڻجي چڪي آهي،ان ڪري ڊيپ اسٽيٽ بابت تاثر هن وقت عدليه لاءِ پيدا ٿي ويو آهي ۽ حڪومت، اسٽيبلشمينٽ ۽ اليڪشن ڪميشن عدليه خلاف هڪ ٿي ويون آهن ۽ جڏهن ته هن وقت نئين ٽرائيڪا عدليه، اسٽيبلشمينٽ ۽ حڪومت وجود ۾ اچي چڪي آهي،اسٽبيلشمينٽ کي هن وقت سياسي حڪومت جي حمايت گهربل آهي، جيڪا ڊيپ اسٽيٽ جو مقابلو ڪري سگهي،امڪان آهي ته اڄ ٿيندڙ قومي اسيمبلي ۾ ڪجهه اهڙين قراردادن کي منظور ڪيو ويندو جنهن ۾ سپريم ڪورٽ ۽ اليڪشن ڪميشن کي پابند ڪيو ويندو ته توهان پنهنجي حدن ۾ رهو، ان حوالي سان اسٽيبلشمينٽ جي حمايت لاءِ نوازشريف پاڻ ميدان ۾ لهڻ وارو آهي، ان حوالي سان ايندڙ ڏينهن تمام گهڻي اهميت اختيار ڪري ويا آهن، جڏهن ته عدالتن پاران پي ٽي آءِ کي رليف ڏيڻ باوجود ن ليگ،پ پ جي اتحادي حڪومت کي اسٽيبلشمينٽ جي مڪمل حمايت حاصل آهي، اهي ٽئي هڪ صفحي تي آهن، ان جو سبب عمران خان جي سياست آهي، عمران خان لڳاتار فوج ۽ آرمي چيف کي نشانو بڻائي ويٺل آهي، ٻيو ته پي ٽي آءِ جي ڪوشش آهي ته معيشت کي دڳ تي آڻڻ ۾ حڪومت کي ڪاميابي نه ملي سگهي، پي ٽي آءِ جيستائين فوج ۽ معيشت کي ٽارگيٽ بڻائيندي رهندي تيستائين حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ جو اتحاد ڪمزور ٿيندي نظر نه پيو اچي،ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته معيشت کي جيڪي چئلينج پيش آهن ان لاءِ شهبازشريف جي حڪومت کي ڪاميابيون ملڻ هڪ وڏو سوال آهي، ريڪوڊڪ جي حوالي سان پرڏيهي سيڙپڪار اچي وڃن ٿا ۽ نجڪاري ۾ تڪڙ ٿي ته پوءِ ان صورتحال ۾ حڪومت کي ٽيڪو ملي ويندو، حڪومت جي حڪمت عملي اها آهي ته عمران خان ڪنهن به صورت ۾ جيل کان ٻاهر نه اچي، عمران خان ڳالهين لاءِ ٽي شرط رکيا آهن،

اسلام آباد (م ڊ) مخصوص سيٽن تي سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ پيدا ٿيل صورتحال تي حڪمران اتحاد جوابي حڪمت  عملي جي تياري شروع ڪري ڇڏيو آهي حڪمران اتحاد ان معاملي تي سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ تي به غور شروع ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ عدالتي فيصلي تي بحث ڪيو ويندو. ن ليگ جي پارليامينٽ ميمبرن کي اسلام آباد ۾ ئي رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، سومر 15 جولاءِ 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.