اسلام آباد(عمران شفقت) 12 جولاءِ تي مخصوص سيٽن بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي مهل ايوان صدر ۾ آذربائيجان جي صدر کي لنچ جي دعوت هئي،فيصلي جي اطلاع تي آرمي چيف جي چهري تي سنجيدگي ڇائنجي وئي جڏهن ته آءِ ايس آءِ سربراهه به پراعتماد نموني مسڪرائي رهيو هو،جنرل نديم انجم صحافين کي ٻڌايو ته اسان کي خبر آهي ڪير ڇا ڪري رهيو آهي؟ پريشان نه ٿيو، ملڪ صحيح دڳ ڏانهن وڃي رهيو آهي، پنهنجي مدي جي سوال تي هن چيو ته مان ڪيڏانهن به نه پيو وڃان،مان هتي ئي رهندس،افواهن تي مان ڇا چوان؟