ڪراچي/حيدرآباد/سکر( نمائندا) سنگرار مان سبيل هلائيندي اغوا ٿي ويل پريا ڪماري جي آزادي لاءِ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاج ڪيو ويو. ڪشمور ۾ سنگرار واسڻ پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ معصوم ٻارڙين پاران ڳچي ۽ ھٿن ۾ زنجيرون وجھي عيد گاهه پاڙي کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي، ريلي دوران محمد زمان دايو ۽ ان جي ننڍڙين معصوم ٻارڙين سنگرار واسڻ معصوم پريا ڪماري جي ياد ۾ ريڙھي تي سبيل رکي ريلي جي صورت ۾ شھر جو گشت ڪندي پريا ڪماري جي بازيابي جو مطالبو ڪيو ويو، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي شھرين جو چوڻ هو ته پريا ڪماري معصوم 10 محرم الحرام تي سبيل ھلائيندي اغوا ڪئي وئي جنهن کي سکر پوليس بازياب ڪرائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آهي. قمبر ۾ يوٿ فورم طرفان شهداء ڪربلا جي ياد ۾ مين روڊ تي سبيل لڳائي سنڌ جي نياڻي پريا ڪماري جي آزادي لاءِ پريا ڪماري جون تصويرون بينر کڻي سندس جي آزادي لاءِ سخت نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن ڪامريڊ اياز ٻرڙو،سرائي عبداللطيف گوپانگ،بخت جاني ۽ ٻين چيو ته سنڌ جي معصوم نياڻي پريا ڪماري ٻه سال اڳ حضرت امام حسين عليه السلام شهداء ڪربلا جي سبيل لڳائي جتان کيس ظالم وڏيرا اغوا ڪرائي ويا. ٺٽي ۾ جيئي سنڌ تحريڪ ٺٽي پاران پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ جيئي سنڌ تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ راول ڪرناڻي، باغي فرھاد ميمڻ، اڪبر بروھي جي اڳواڻي ۾ ايڌي سينٽر کان ريلي ڪڍي. وئي، ريلي قومي شاھراھ جو گشت ڪندي پريس ڪلب ٺٽو اڳيان پھتي جتي احتجاجي مظاھرو ڪندي ڌرڻو ھنيو ويو. جيئي سنڌ تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ راول ڪرناڻي، جيئي سنڌ محاذ جي امجد شوري، شھيد ڀٽو جي بابو احسان ڀٽو، قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ياسر جاکري، جسقم جي مالڪ بروھي، سنڌي ادبي سنگت جي ميرو مارواڻي، دلاور شيخ ۽ ٻين چيو تہ حڪمران سالن کان اغوا ڪرايل معصوم نياڻي پريا ڪماري کي آزاد ڪرائي نہ سگھيا آھن جنھن سان سندن نااھلي جي پروڙ پئي ٿي. ڪراچي ۾ پريا ڪماري جي آزاديءَ لاءِ احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو. احتجاج ۾ شريڪ ماڻهن طرفان معصوم پريا ڪماري جون تصويرون هٿن ۾ کڻي نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي مظاهري جي اڳواڻي ڪندڙ لياقت جلباڻي، ارباب خاتون، نجما مهيشوري، مهيش ڪمار، سهڻي پارس، آفاق ڀٽي، ممتاز عباسي سنديا سومرو، ۽ ٻين عوامي آواز سان ڳالهائيندي افسوس آهي انتظاميا تي جنهن 3 سال گذرڻ باوجود هن مهل تائين معصوم پريا ڪماري جي بازيابي ۾ ڪا به اڳڀرائي نه ڪئي آهي. هنن چيو ته 19 جولائي تي ٽي تلوار تي هڪ وڏو احتجاج ڪيو ويندو، جنهن ۾ معصوم پريا ڪماري جا وارث به احتجاج ۾ شرڪت ڪندا.ڪنڌڪوٽ ۾ جسقم جساف ڪنڌڪوٽ طرفان پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ احتجاج ڪيو ويو.