ڊونلڊ ٽرمپ 5 نومبر جون چونڊون کٽي ويو آهي: مشاهد حسين سيد

ڪراچي (م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي اڳواڻ سينيٽر مشاهد حسين سيد جو چوڻ آهي ته ٽرمپ تي حملو ڪندڙن کي ڪجهه  ماڻهن ڏسي  ورتو هو پر سيڪيورٽي وارا ليٽي پيا، اها سيڪريٽ سروس جي سڀ کان وڏي ناڪامي آهي. نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي مشاهد حسين سيد چيو ته مان سمجهان ٿو ته ڊونلڊ ٽرمپ 5 نومبر جون چونڊون کٽي ويو آهي.  هن چيو ته جيئن اسان جي ملڪ ۾ سازشي عنصر آهن، اتي به اهڙا ماڻهو موجود آهن جيڪي چوندا ته هي ڊيپ اسٽيٽ يعنيٰ آمريڪا جي اسٽيبلشمينٽ جي سازش هئي.  سندس چوڻ هو ته ڊونلڊ ٽرمپ کي ان حملي جو سياسي طور تي فائدو ٿيندو.  مشاهد حسين سيد ان امڪان کي رد ڪيو ته هي ٽرمپ جي پنهنجي ڪا اٽڪل هئي، هن چيو ته هي ڪنهن پروفيشنل جو ڪم آهي ڇو ته گولي سندس ڪن تي لڳي آهي، ٽرمپ پنهنجو چهرو جيڪڏهن نه جهڪائي ته گولي سندس مٿي ۾ لڳي ها.   سندس چوڻ هو ته انشاءَالله 5 نومبر تي ٽرمپ آمريڪا جو ايندڙ صدر هوندو، هن وڌيڪ چيو ته مان سمجهان ٿو ته ٽرمپ بائيڊن کان بهتر صدر هوندو.  هن چيو ته غزا جي قتل عام ۾ بائيڊن مڪمل طور تي ڏوهه ۾ شريڪ آهي، نيٽو کي به وڌايو پيو وڃي، هن يوڪرين ۾ روس کي به ڀڙڪايو، چين خلاف ڪنٽينمينٽ جي ڳالهه ڪري رهيو آهي، هن سمورو جنگي ماحول پيدا ڪري ڇڏيو آهي.  مشاهد حسين سيد چيو ته ٽرمپ، جان ايف ڪينيڊي کانپوءِ پهريون صدر هوندو جيڪو آمريڪي اسٽيبلشمينٽ جو نمائندو نه هوندو، ٽرمپ يوڪرين ۾ جنگ بند ڪندو ۽ مسلمانن خلاف نئين جنگ نه وڙهندو. ٽرمپ عالمي امن ۽ مسلمان دنيا لاءِ بهتر هوندو.  هڪ سوال جي جواب ۾ سندس چوڻ هو ته روسي صدر ولاديمير پيوٽن جا يوڪرين ۾ جارحاڻا ارادا نظر نٿا اچن، هو رڳو روسي سرحدن جو دفاع چاهي ٿو، هو ته علائقائي سهڪار کي هٿي ڏئي رهيو آهي.  هن چيو ته ولاديمير پيوٽن چيني صدر شي جن پنگ جو يار آهي ۽ پاڪستان جو به دوست آهي، هو پاڪستان سان به لاڳاپا چاهي ٿو.  هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ مشاهد حسين سيد چيو ته آءِ ايم ايف جو فارمولو آزمايو ويو، ٽيسٽ ڪئي وئي ۽ فيل آهي، آءِ ايم ايف جو مطلب آهي ته ملڪ آءِ سي يو ۾ آهي، اها ترقي جي خاصيت ته ناهي.  ايف بي آر جي گڏجاڻي ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي دٻاءَ ۽ استعيفيٰ جي ڳالهه تي مشاهد حسين سيد چيو ته اها هڪ ڏينهن اڳ جي تڪليف هئي جڏهن سپريم ڪورٽ سني اتحاد ڪائونسل جي سيٽن جو فيصلو ڏنو هو، هن اها ڪاوڙ ايف بي آر جي انهن ويچارن تي ڪڍي. مشاهد حسين سيد چيو ته 2018 جي چونڊن کانپوءِ مان ڌانڌلي جو پردو فاش ڪرڻ جي پوري تياري ڪر ورتي هئي، اسان ڌانڌلي تي وائيٽ پيپر جاري ڪرڻ وڃي رهيا هئاسين پر ٻن هفتن کانپوءِ شهباز شريف مون کي روڪي ڇڏيو . ۽ وائيٽ پيپر لکڻ کان روڪي ڇڏيو ۽ اهو وائيٽ پيپر ڇپيو ئي نه. ان جو مطلب آهي ته ڪٿان ٽيلي فون ڪال آئي هئي اسان جي قيادت کي ۽ اسان سچ ڳالهائڻ کان شرمائي وياسين. هن چيو ته اسان سمجهون ٿا ته هڪ آرمي چيف اسان مقرر ڪيو آهي ان کي ايڪسٽينشن ڏني آهي ته هو منهنجو ماڻهو آهي، اسان فوج کي نٿا سمجهون، فوج هڪ ادارو آهي ۽ ماڻهو کان وڏو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.