حڪومت ۽ آءِ ايم ايف جي غلط پاليسين سبب ڪارخانا بند ۽ پورهيت بيروزگار ٿيا: آپٽما

اسلام آباد( م ڊ) آل پاڪستان ٽيڪسٽائل ملز ايسوسي ايشن (اپٽاما) ذريعن جو چوڻ آهي ته بجلي ۽ گيس جي اگهن ۾ واڌ سبب وڏا ڪارخانا بند ٿي ويا ۽ هزارين ماڻهو بيروزگار ٿي ويا. اپٽما ذريعن موجب عالمي مالياتي  فنڊ (آءِ ايم ايف) ۽ حڪومت جي غلط پاليسين سبب ٽيڪسٽائيل ملون بند ٿيڻ شروع ٿي ويون، ٻن سالن دوران بجلي ۽ گيس جي قيمتن ۾ 170 سيڪڙو اضافو ٿيو، جنهن سبب 100 کان وڌيڪ وڏا ڪارخانا بند ٿي ويا ۽ هزارين ماڻهو بيروزگار ٿي ويا. اپٽاما ذريعن جو چوڻ آهي ته بند ٿيل فيڪٽرين ۾ 50 ٽيڪسٽائل ملون به شامل آهن. ملز مالڪن جو چوڻ آهي ته 2022ع ۾ بجلي جا اگهه 16 رپيا هئا، جيڪي اڄ 42 رپيا في يونٽ آهن، 2022ع ۾ صنعتن کي 14 رپيا في يونٽ گئس ملي رهي هئي جيڪا اڄ 40 رپيا في يونٽ آهي. اپٽاما جو چوڻ آهي ته ٻن سالن ۾ ٽيڪسٽائيل ايڪسپورٽ 19 بلين ڊالر کان گهٽجي 16 بلين ڊالر ٿي وئي آهي. ذريعن موجب لسٽ ۾ شامل ڪمپنين اسٽاڪ ايڪسچينج انتظاميه کي بند ڪرڻ بابت آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. مل مالڪن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن بجلي ۽ گيس جي اگهن ۾ واڌ جاري رهي ته وڌيڪ ڪارخانا بند ٿي ويندا. ذريعن موجب بند ڪيل فيڪٽرين ۾ وزير ۽ وڏن صنعتڪارن جون فيڪٽريون به شامل آهن، جيڪي پاليسي سازي جو حصو آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.