سَنڌَن جي سُور مان جند ڇڏائيندڙ پنج کاڌا

اسان کي پنهنجن گوڏن جو قدر ان وقت ٿيندو آهي جڏهن ڪم دوران انهن ۾ سور محسوس ٿئي ۽ پوءِ گھمڻ ڦرڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچڻ لڳن.

اڄ ڪالهه نه رڳو وڏي عمر جي بزرگن لاءِ اهو سور عام آهي پر نوجوان نسل ۾ به ان سور جي شڪايت ٿيندي آهي، اهو جسم جي سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ سور مان هڪ آهي ڇو جو گھمندي. ڦرندي ايتري تائين جو سمهندي به اوهان تڪليف محسوس ڪندا آهيو.

پر ڇا اوهان کي خبر آهي ته قدرت ڪجهه کاڌن ۾ قدرتي طور تي ان سور کي ختم ڪرڻ جي صلاحيت رکي آهي.

گجر

جيڪڏهن اوهان سٺي اکين جي نظر حاصل ڪرڻ جا خواهشمند آهيو ته گجرن کي ڪيترن ئي سالن کان ماهرن طرفان تجويز ڪيو ويو آهي پر گجر ۾ ان کانسواءِ ٻيو به ڪجهه آهي.

گوڏن جي سور کي ختم ڪرڻ لاءِ خوراڪ پراڻو چيني علاج آهي، اهو علاج ڪم جو آهي ڇو جو گجر وٽامن اي ۽ بيٽا ڪيروٽين سان ڀرپور هوندي آهي ۽ اها ٻنهي صحت لاءِ فائديمند آهي.

گجر کي پچائي کائڻ بهتر آهي، ۽ جن ماڻهن کي اها پڪل پسند ناهي، اهي ڪچي به کائي سگھن ٿا، روزانو ٻه گجرون کائڻ سان گوڏن جي سور ۾ نمايان گھٽتائي جا امڪان آهن.

هيڊ

اهي ماڻهو جيڪي پنهنجي گھر ۾ پڪل ٻوڙ ۾ هيڊ وجهندا آهن اُهي بهترين ڪم ڪندا آهن ڇو جو هيڊ گوڏن جي سور لاءِ گھڻي فائديمند آهي.

هيڊ ۾ ڪرڪومين هوندو آهي جنهن کي صديقن دوائن ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي، خاص طور تي جڙين ٻوٽين ۾ ڇو جو ان ۾ سوڄ کي ٺيڪ ڪرڻ جي صلاحيت هجي ٿي.

اسُنڍ

ادرڪ هڪ بهترين غذا آهي جنهن کي اوهان کائي سگھو ٿا يا پنهنجي سور وارن گوڏن تي رهڙي سگھو ٿا.

اوهان جيڪا به چونڊ ڪندئو، اوهان ان نتيجي مان خوش ٿي ويندئو ڇو جو ادرڪ جو ذائقو نه رڳو سٺو هجي ٿو پر ان جي بوءِ به سٺي هجي ٿي.

ادرڪ ۾ هڪ فعال جُز هجي ٿو جنهن کي جنجرول چيو ويندو آهي جيڪو هڪ مضبوط اينٽي سوڄ مادو آهي.

سنڌن جي سور ۾ مبتلا ماڻهن سان واسطي بابت تحقيق موجب، جڏهن ادرڪ کي گوڏن جي سور جي دوائن ۾ شامل ڪيو ويندو آهي.

اوهان ان کي نه رڳو کاڌن پر چانهه ۾ به استعمال ڪري سگھو ٿا.

اخروٽ

جڏهن ميوي جي ڳالهه اچي ٿي ته اخروٽ سڀ کان بهتر آهي جنهن ۾ اوميگا 3 فيٽي ايسڊز هوندا آهن، ۽ اهي اينٽي آڪسيڊنٽس سان ڀرپور آهن.

جيڪڏهن  اوهان گوڏن جي سور کي گھٽائڻ چاهيو ٿا ته اخروٽ بهترين غذا آهي، ان تحقيق جي باوجود ته اخروٽ ۾ ڪيلوريز وڌيڪ هجن ٿيون، انهن کي باقاعدگي سان کائڻ سان اوهان  جي جنڪ فوڊ جي خواهش گھٽجي ٿي.

سرنهن جو تيل

جيڪڏهن اوهان کاڄرو تيل بدران صاف ۽ کاڌن ۾ استعمال ٿيندڙ سرنهن جي تيل کي استعمال ڪندئو ته اهو انهن ماڻهن لاءِ بهترين هوندو جيڪي گوڏن جي سور ۾ مبتلا آهن.

ان کانسواءِ اوهان سرنهن جي عام تيل ناريل يا زيتون جي تيل سان گڏائي استعمال ڪندئو تڏهن به فائدو ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.