عمران خان اسٽيبلشمينٽ سان ٽڪر کائڻ لاءِ تيار، حتمي جنگ شروع

اسلام آباد (معظم فخر) پي ٽي آءِ باني عمران خان  اسٽيبلشمنٽ خلاف سندرا ساهي فائنل ڪال ڏيڻ جي ويجهو پهچي ويو آهي. عمران خان سمجهي ٿو ته هوائن جو رخ هن طرف ٿي ويو آهي، ان لاءِ هو موجوده صورتحال مان فائدو کڻڻ چاهي ٿو. پي ٽي آءِ پاران 14 آگسٽ تي لاهور جي مينار پاڪستان تي جلسي ڪرڻ جو اعلان ان ڳالهه جو واضح اظهار آهي ته عمران خان ماضيءَ وانگر ٽڪراءَ واري سياست ڪرڻ چاهي ٿو. پنجاب حڪومت پاران عمران خان خلاف 9 مئي جي ڪيسن ۾ ڪارروائي ڪرڻ واري اعلان کانپوءِ عمران خان ڪي پي ڪي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور کي نواز شريف، شهباز شريف، بلاول ڀٽو، مريم نواز ۽ ٻنهي پارٽين جي ٻين اڳواڻن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. جڏهن ته کيس نيب خلاف به ڪارروائي ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، جنهن تي ڪي پي ڪي حڪومت نيب چيئرمين، ان جي پراسيڪيوٽرز ۽ ٻين آفيسرن خلاف اينٽي ڪرپشن قانون تحت ڪارروائي جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن موجب عمران خان هر محاذ حڪومت سان ٽڪر کائڻ جي تياري ڪري ڇڏي آهي. ان کانسواءِ هن چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ آئين ٽوڙڻ جي ذميوار فوجي آفيسرن خلاف آرٽيڪل 6 تحت ڪارروائي ڪرڻ جو اشارو ڏنو آهي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، سومر 15 جولاءِ 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.