ٽي ٽي پي کي افغانستان جي طالبان حڪمرانن جي سرپرستي حاصل آهي: يو اين رپورٽ

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ ) بندش پيل تنظيم ٽي ٽي پي تي گڏيل قومن جي 15هين رپورٽ سلامتي ڪائونسل ۾ پيش ڪئي وئي.
سلامتي ڪائونسل ۾ پيش ڪيل رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته بندش پيل ٽي ٽي پي کي افغانستان ۾ افغان طالبان جي مڪمل حمايت حاصل آهي، پاڪستان ۾ حملا ڪرڻ لاءِ ٽي ٽي پي کي افغانستان جي طالبان حڪمرانن جي سرپرستي حاصل آهي.
يو اين رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته بندش پيل ٽي ٽي پي کي القاعده کان به آپريشنل ۽ لاجسٽڪ سپورٽ ملي رهي آهي، افغانستان ۾ القاعده جا ماڻهو پاڪستان ۾ حملن لاءِ ٽي ٽي پي جي مدد ڪري رهيا آهن.
رپورٽ موجب افغانستان ۾ بندش پيل ٽي ٽي پي جا ساڍا 6 هزار ويڙهاڪ موجود آهن، ويڙهاڪ افغان طالبان جي سرپرستي ۾ سرگرميون ڏيڻ لاءِ مڪمل طور آزاد آهن.
يو اين سيڪيورٽي ڪائونسل ۾ پيش ڪيل رپورٽ ۾ اهو به چييو ويو آهي ته ٽي ٽي پي جي دهشتگردن کي القاعده جي ڪيمپن ۾ تربيت ڏني وڃي ٿي، ڪالعدم ٽي ٽي پي ننگرهار، قنڌار، ڪنڙ ۽ نورستان جهڙن سرحدي صوبن ۾ ڪيمپون ٺاهي ڇڏيون آهن.
رپورٽ موجب ڪابل پاڪستان لاءِ خطرو بڻجندڙ دهشتگرد گروپن خلاف ڪارروائي لاءِ تيار ناهي. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ يو اين مانيٽرنگ گروپ به اهڙي ئي قسم جي رپورٽ پيش ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.