لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري، خيبرپختونخوا جي اطلاعات بابت صلاحڪار بئريسٽر سيف جي بيان تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي ڀتين تي ڪنا ڪپڙا لٽڪائڻ وارا اسان کي ليڪچر نه ڏين.
عظميٰ بخاري هڪ بيان ۾ چيو ته 126 ڏينهن جي ڌرڻي ۾ پارليامينٽ ۽ سپريم ڪورٽ تي حملو ڪندڙن کي به عدليه جي ساک ياد اچي وئي.
علي امين گنڊاپور کي وفاق جي نه پنهنجي حڪومت جي ڳڻتي ڪرڻ گهرجي، اوهان جا ليڊر ۽ سندن زال قيمتي تحفن جي چوري ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار آهن.
You might also like