ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ ۾ دماغ کائيندڙ اميبا نيگليريا فوليري جي ڪري هڪ هفتي ۾ 3 فوتگيون ٿيون آهن. عملدارن موجب نيگليريا فوليري جي ڪري ڪراچي ۾ 2 ۽ حيدرآباد ۾ هڪ شخص لاڏاڻو ڪري ويو.
نيگليريا فوليري جو پهريون ڪيس 5 جولاءِ تي ڪراچي جي علائقي ڪورنگي جي رهواسي جو هو، 11 جولاءِ تي ملير جو نوجوان جناح اسپتال ۾ هن مرض وگهي فوت ٿي ويو جڏهن ته حيدرآباد جو 35 ورهين جو شخص به هن مرض سبب فوت ٿيو.
صحت کاتي موجب سنڌ ۾ 12 سالن ۾ نيگليريا جا 100 کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿيا، رڳو هڪ مريض 3 مهينا جيئرو رهيو، اهڙي ريت 2023 ۾ رپورٽ ٿيل هڪ مريض صحتياب ٿيو هو.
ماهرن جو چوڻ آهي ته نيگليريا فوليري عام طور تي تازي پاڻي، ڍنڍن، ڍورن، گرم چشمن ۾ هوندو آهي، نيگليريا وائرس نڪ ذريعي داخل ٿي دماغ کي کائي ويندو آهي.
ماهرن موجب وهنجڻ، ٽٻيون هڻڻ دوران نيگليريا انساني جسم ۾ داخل ٿيندو آهي، نيگليريا جون علامتون هفتي ۾ ظاهر ٿينديون آهن، نيگليريا جون علامتون ڳاٽي ٽوڙ بخار جهڙيون آهن، مٿي ۾ گهڻو سور، الٽيون، ڳاٽو آڪڙجڻ، جسم کي جهٽڪا لڳڻ انهن علامتن ۾ شامل آهن.
ماهرن موجب پاڻي جي ٽانڪين ۾ ڪلورين ملائڻ سان نيگليريا فوليري ۽ ٻيا جيوڙا ختم ٿي ويندا آهن.
You might also like