ابوظهبي( ويب ڊيسڪ ) گڏيل عرب رياستن جي نائب صدر ۽ وزيراعظم شيخ محمد بن راشد المڪتوم ڪابينا ۾ ڦيرڦار جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، گڏيل عرب رياستن جي نائب صدر ۽ وزيراعظم پنهنجي پٽ ۽ دبئي جي ولي عهد شيخ حمد ان بن محمد کي گڏيل عرب رياستن جو نائب وزيراعظم ۽ بچاءُ وارو وزير مقرر ڪري ڇڏيو.
41 ورهين جو شيخ حمدان 2008 کان دبئي جي ولي عهد طور خدمتون انجام ڏئي رهيو آهي، سندس انسٽاگرام تي هڪ ڪروڙ 50 لک کان وڌيڪ فالوورز آهن.
ان کانسواءِ اماراتي پرڏيهي وزير شيخ عبدالله بن زايد النهيان کي به نائب وزيراعظم مقرر ڪيو ويو آهي.
ساره اميري کي تعليم، احمد بن عبدالله کي راندين، عبدالرحمان کي هائير ايجوڪيشن ۽ عاليا عبدالله کي انٽر پرنورشپ جو مملڪتي وزير مقرر ڪيو ويو آهي.
Prev Post
You might also like