اسلام آباد( عمران شفقت) جيڪي ماڻهو هن ملڪ کي اسڪرپٽ ذريعي هلائڻ چاهين ٿا انهن لاءِ ” ويڪ اپ ڪال“ آهي ته هو aسجاڳ ٿي وڃن، جيڪڏهن انهن ماڻهن اڄ به ملڪ جي ڳنڀير صورتحال ۾ قانون، آئين ۽ جمهوريت جي تقاضائن کي نظر انداز ڪري فيصلا ڪيا ته سڀاڻي حالتون اڄ کان وڌيڪ سنگين ٿي وينديون. مخصوص سيٽن جي حوالي سان جيڪو سپريم ڪورٽ جو فيصلو ٿيو آهي ان سان بحران وڌيڪ ڳنڀير ٿيندو، جيڪو سياست کان وڌيڪ معيشت لاءِ نقصانڪار ثابت ٿيندو.مخصوص سيٽن جي حوالي سان جيڪو سپريم ڪورٽ جو فيصلو آيو آهي ان اهو ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته عدليه ملڪ ۾ هڪ دفعو وري نظريه ضرورت واري ٿيوريءَ کي زندهه ڪري ڇڏيو آهي جنهن متعلق عدليه چوندي رهي آهي ته اسان نظريه ضرورت کي دفن ڪري ڇڏيو آهي. هن فيصلي ۾ قاضي فائز عيسى کي اهو ڪريڊٽ ضرور ڏيڻ گهرجي ته هُن چيف جسٽس هوندي به هن فيصلي تي اثر انداز ٿيڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي، هُو چاهي ها ته هم خيال ججن تي مشتمل هڪ بينچ جوڙي هن فيصلي کي مينيج به ڪري پئي سگهيو پر هُن ائين نه ڪيو. موجوده صورتحال ۾ نشانو نه ته ڪا سياسي جماعت آهي ۽ نه ئي پارليامينٽ آهي پر ان جو نشانو پاڪ فوج آهي، جڏهن ته تحريڪ انصاف جا اڳواڻ ۽ قيادت هاڻي کلي ڪري چيف آف آرمي اسٽاف جنرل آثم منير تي تنقيد ڪن ٿا. اصل ۾ هي فيصلو ته ان ڏينهن ئي لکيو ويو هو جڏهن سائفر جو فيصلو لکيو ويو هو، سائفر ڪيس ۾ ته پاڪستان ” بريچ“ ڪري چڪو هو.جڏهن عمران خان پاور کان ٻاهر هو تڏهن به آمريڪي سفير ساڻس باقائدگيءَ سان ملاقات ڪندو هو. پاڪستان عالمي سطح جي سياسي راند ۾ ٻن طرفن کان ڇڪيو پيو وڃي. ججن کي گهرجي ته هو آئين ۽ قانون موجب فيصلا ڏين، انهن کي اهو چوڻ ته هو الله تعالى آڏو جوابده آهن يا هو ضمير مطابق فيصلا ڪندا ڪنهن به طور تي مناسب نه آهي. سپريم ڪورٽ جي فيصلي مان لڳي ٿو ته جهڙوڪر آئين ۾ پنهنجي طرفان شقن کي نئين سر لکيو پيو وڃي. سپريم ڪورٽ جي فيصلي مان اهو ٿو لڳي ته جهڙوڪر هڪ پارٽيءَ کي دفن ڪري ٻئي پارٽيءَ کي زندهه ڪيو ويو آهي.هن ملڪ جي وس وارن کي گهرجي ته هاڻي هو پنهنجن پنهنجن کيس مفادن کي ختم ڪري ادارن کي ڏسن. موجوده صورتحال کي حل ڪرڻ لاءِ اسٽبلشمينٽ پاران آئيني ترميمن جو پيڪيج تيار پيو آهي جنهن کي پارليامينٽ مان منظور ڪرايو ويندو، ان ۾ جنرلز جي پوسٽنگ، ججن جي صوبن اندر روٽيشن ۽ ججن جي برطرفي شامل آهن. مخصوص سيٽن جي حوالي سان جيڪو سپريم ڪورٽ فيصلو ڪيو آهي اهو نه ته ملڪ جي محبت ۾ آهي، نه ته جمهوريت ۽ عوام جي محبت ۾ آهي، اهو فيصلو هر ڪنهن پنهنجي پنهنجي ڪرسيءَ جي محبت ۾ ڪيو آهي.
نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، آچر 14 جولاءِ 2024ع تي شايع ٿيو