شفيع محمد صديقي چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ طور حلف کڻي ورتو

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حلف برداري تقريب ٿي، جنهن ۾ سنڌ جي گورنر ڪامران ٽاسوري کانئس حلف ورتو، ان موقعي تي سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه، چيف سيڪريٽري  سنڌ، آءِ جي سنڌ، هاءِ ڪورٽ جي سينيئر ججن سميت سياسي ۽ سماجي شخصيتن پڻ شرڪت ڪئي. هوڏانهن جسٽس شفيع محمد صديقي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس طور حلف کڻڻ بعد مزار قائد تي حاضري ڀري ۽ گلن جي چادر چاڙهي فاتحه خواني ڪئي، چيف جسٽس حاضري ڀرڻ بعد يادگار ڪتاب ۾ پنهنجا تاثرات رڪارڊ ڪيا، مزار تي حاضري جي موقعي تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سان گڏ سنڌ هاءِ ڪورٽ جا سينيئر جج ۽ گهرڀاتي به گڏ هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.