ٽيڪس سڌارن تي وزيراعظم بيوس، استعيفيٰ جي ڌمڪي

اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته آءِ ايم ايف سان اسٽاف ليول معاهدو ٿي ويو، آءِ ايم ايف جو اهو آخري پروگرام هوندو.  اسلام آباد ۾ وزيراعظم شهباز شريف فيڊرل بورڊ آف روينيو جي هيد آفيس جو دورو ڪيو جتي هن اجلاس ۾ خطاب ڪندي چيو ته اسان کي آءِ ايم ايف کان جلد کان جلد جان ڇڏائڻي آهي، اسان کي معيشت کي مستحڪم ڪرڻو آهي، انفرادي ۽ اجتماعي ڪوششن سان پاڪستان کي عظيم ملڪ بڻائينداسين. وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندس پر دٻاءَ ۾ نه ايندس، فيڊرل بورڊ آف روينيو ۾ سڌارن جو عمل جاري رهندو. ٽيڪس نظام ۾ڪمزوريون ختم ڪرڻيون پونديون، ٽيڪس ڏيندڙن کي سهولتون ۽ ٽيڪس نه ڏيندڙن خلاف سخت اپاءَ وٺڻا آهن. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته پگهاردار طبقي، عام ماڻهو تي ٽيڪس لڳائڻ سان ملڪ ڪڏهن ترقي نه ڪندو، ذاتي پسند ۽ ناپسند کان مٿانهون ٿي قومي مفاد کي مٿانهون رکڻو آهي. وزيراعظم ايف بي آر کي ڪاروباري ماڻهن ۽ واپارين کي ناجائز تنگ نه ڪرڻ جي به هدايت ڪئي. شهباز شريف چيو ته ايف بي آر چيئرمين ڊجيٽلائزيشن تي ڪجهه ڏينهن اڳ سرپرائيز ڏنو، 3 مهينا اڳ ٻڌائي ڇڏي ها ته سوچيون ها ته پرڏيهي فرم ميڪانزي کي آڻڻو آهي يا نه؟ وزيراعظم چيو ته ايف بي آر چيئرمين کي چئون ٿا ته اڃا به ڪو سرپرائيز آهي ته ڏئي ڇڏيو، ڪو ايڪشن نه وٺنداسين پر ان کانپوءِ لڪ ڇپ ڪئي ته برداشت نه ڪنداسين. وزيراعظم آءِ ايم ايف معاهدي کي نين ذميوارين جي شروعات قرار ڏيندي چيو ته هاڻي ٽيڪس انهن ماڻهن تي لاڳو ڪريو جيڪي هڪ پيسي جو ٽيڪس ناهن ڏيندا، ٽيڪس وٺڻ جي نالي تي واپارين ۽ صنعتڪارن کي تنگ ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين، نٿو چاهيان ته اوهان منهنجي بدنامي ڪريو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.