ڪاموراشاهي آڏو وزيراعظم به بي اختيار بڻيل؟

ڪراچي(تجزيو:مدثر نظر سنگراسي)ماضي ۾ پاڪستان اندر  جنهن به وزيراعظم استعيفيٰ جي ڌمڪي ڏني ان جو اشارو يا ته اسٽيبلشمينٽ ڏانهن هوندو هو يا عدليه ڏانهن، هي پهريون ڀيرو ٿيو آهي ته وزيراعظم شهبازشريف ايف بي آر(فيڊرل بورڊ آف روينيو) ۾ جاري سڌارن جي عمل ۾ رڪاوٽ بڻجندڙ عنصرن کان تنگ ٿي استعيفيٰ ڏيڻ جي ڳالهه ڪري رهيو آهي، سياسي ۽ صحافتي حلقن ۾ وزيراعظم پاڪستان جو تازو بيان بحث هيٺ آهي، اهو سوال اٿي رهيو آهي ته وزيراعظم استعيفيٰ واري ڳالهه تي وضاحت ڏئي، ملڪ ۾ ٽيڪس جو نظام ايترو ته مدي خارج ۽ ڪرپشن ستايل ٿي چڪو آهي جو ملڪي سربراهه به ايف بي آر ۾ سڌارا آڻڻ ۾ لاچار نظر اچي رهيو آهي ۽ ڳالهه وڃي استعيفيٰ تي پهتي آهي، معاشي زوال جو شڪار ملڪ ۾ سڌارا هونئن به ضرورت آهن، قرض ڏيندڙ عالمي مالياتي ادارن توڙي دوست ملڪن جي به اها گهر آهي ته پهرين پنهنجو گهر سڌاريو وڃي، هتي حالت اها آهي ته رڳو هڪ ئي اداري ۾ سڌارن واري عمل تي آفيسرن جي مزاحمت کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، ان صورتحال ۾ ته نه معيشت سڌري سگهي ٿي نه ئي ملڪ صحيح دڳ تي اچي سگهي ٿو،ملڪ ڇا پوري دنيا ۾ اها ٺٺول ٿيندي ته وزيراعظم ڪيترو بي اختيار آهي جو هڪ اداري ۾ سڌارا نٿو آڻي سگهي،گورننس جي حالت اها ٿي وئي آهي جو ڪنهن به اداري ۾ ويٺل مافيا پوري نظام کي مفلوج بڻائي ويٺل آهي،ڪاموراشاهي جي ان روئي جي ڪري ملڪ هن حال ۾ آهي،هاڻي ڏسجي ته وزيراعظم ايف بي آر ۾ سڌارا آڻي ٿو ؟استعيفيٰ ڏئي ٿو يا پنهنجي پاڻ کي حالتن جي رحم ڪرم تي ڇڏي سمورا هٿيار ڦٽا ڪري ٿو؟

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، آچر 14 جولاءِ 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.