واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ اسٽاف سطح تي معاهدو طئي ٿي ويو آهي.
آءِ ايم ايف جي پڌرائي موجب، آءِ ايم ايف پاڪستان کان 37 مهينن لاءِ قرض جي پروگرام تي راضي ٿي ويو آهي، نئين قرض پروگرام جي حتمي منظوري آءِ ايم ايف جو ايگزيڪيوٽو بورڊ ڏيندو.
پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته آءِ ايم ايف سان اسٽاف ليول جي نئين معاهدي تحت پاڪستان کي 37 مهينن دوران 7 ارب ڊالر ملندا.
پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پروگرام ۾ مالياتي ۽ مانيٽري پاليسي کي مضبوط ڪرڻ، ٽئڪس جي بنياد کي وسيع ڪرڻ جا قدم شامل آهن.
پڌرائي موجب، پاڪستان کي 2023 اسٽينڊ باءِ ارينجمينٽ جي تحت حاصل معاشي استحڪام جي بنياد تي واڌو فنڊ جي سهولت حاصل آهي. نئون قرض پروگرام پاڪستان ۾ معاشي استحڪام جو سبب بڻجندو.
آءِ ايم ايف موجب، پاڪستان ۾ گذريل هڪ سال دوران مهانگائي ۾ گهٽتائي آئي آهي، پاڪستان جا پرڏيهي مٽاسٽا جا ذخيرا بهتر ٿيا آهن، پاڪستان ۾ معاشي استحڪام کي هٿي ملي آهي، نئون قرض پروگرام پاڪستان ۾ معاشي استحڪام جو سبب بڻجندو.
پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته معاشي استحڪام لاءِ پاڪستان ٽئڪس آمدني وڌائيندو، قرض پروگرام دوران جي ڊي پي ۾ ٽئڪس جو حصو ٽي سيڪڙو تائين وڌايو ويندو، رٽيل سيڪٽر ۾ به ٽئڪس نيٽ وڌايو ويندو، جڏهن ته زرعي شعبي ۾ پاڪستان ۾ سيڪٽر کي به ٽئڪس نيٽ ۾ آندو ويندو.
آءِ ايم ايف پڌرائي موجب، پاڪستان ۾ ٽئڪس آمدني ۾ جي ڊي پي جو ڏيڍ سيڪڙو اضافو هلندڙ مالي سان ٿيندو، پاڪستان ٽئڪس ڏيندڙن جو انگ وڌايو ويندو، ٽئڪس آمدني وڌائڻ سان سماجي شعبي لاءِ وڌيڪ فنڊز ميسر ٿيندا.
Pakistan IMF agreement