مخصوص سيٽن بابت فيصلي خلاف حڪومت عدالت ويندي يا نه؟ خواجا آصف ٻڌائي ڇڏيو

سيالڪوٽ ( ويب ڊيسڪ ) بچاءُ واري وزير خواجا آصف سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي ردعمل جو اظهار ڪندي چيو آهي ته فيصلو هڪ شخص جي چائنٺ تائين پهچايو ويو آهي جيڪو فريادي ئي نه هو، هوم ڊليوري ڪئي وئي.
سيالڪوٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته اعليٰ ترين عدليا بابت غير ضروري بيانن کان پاسو ڪندو آهيان پر آئين جي حڪمراني لاءِ ڪردار ادا ڪندو رهندس.
سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن بابت سپريم ڪورٽ تي فيصلي تي خواجا آصف چيو ته فيصلو هڪ شخص جي چائنٺ تائين پهچايو ويو، جيڪو فريادي ئي نه هو، فيصلي جي هوم ڊليوري ڪئي وئي.
هن چيو ته عدالت ۾ سني اتحاد ڪائونسل آئي هئي، پي ٽي آءِ جو نالو نشان ئي نه هو، سڀني کي خبر آهي ته ميمبر پنهنجي پارٽي نشان تي چونڊ وڙهندا آهن.
خواجا آصف چيو ته موجودا حالتن ۾ پنڊورا باڪس کُلي ويو آهي، قومي مستقبل لاءِ اِها سٺي ڳالهه نه آهي، سڀاڻي اسان ڪنهن اداري کي چونداسين ته اوهان غير آئيني ڪم ڪيو آهي، اليڪشن ڪميشن به آئيني ادارو آهي، پارليامينٽ به آئيني ادارو آهي.
سندس چوڻ هو ته هن وقت به اسان جا 209 ميمبرز آهن، آئين جي ڪيئي شقن جي ڀڃڪڙي ٿي، عدالتي فيصلي تي اڳتي ڪهڙو ردعمل ڏيڻو آهي ان جو فيصلو آئين ۽ قانون جي مطابق ٿيندو، سومر تي پارليامينٽ ۾ اِهو فيصلو ٿيندو ته حڪومت نظرثاني درخواست داخل ڪندي يا نه.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.