راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪِ انصاف جي باني چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان حڪومت سان ڳالهين لاءِ شرط رکي ڇڏيا.
اڊيالا جيل جي عدالتي ڪمري ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي عمران خان چيو ته هو ڳالهين لاءِ تيار آهي پر ان لاءِ سندس ٽي شرط آهن.
پي ٽي آءِ باني چيو ته پهريون شرط آهي ته سندس خلاف سمورا ڪيس ختم ڪيا وڃن، ٻيو شرط اسان جي ماڻهن کي آزاد ڪيو وڃي، ٽيون شرط اسان جو مينڊيٽ واپس ڪيو وڃي.
عمران خان چيو ته هن جنرل باجوا سان به ٻه ڀيرا ڳالهيون ڪيون، اسان ان وقت اسد عمر، پرويز خٽڪ ۽ شاهه محمود قريشي تي ٻڌل ٽي رڪني ڪميٽي ٺاهي، تنهن وقت اسان کي ٻڌايو ويو ته وڏو صاحب چونڊون نه ڪرائڻ جو فيصلو ڪري چڪو آهي.
اڳوڻي وزيراعظم چيو ته اٺ فيبروري 2024 تي اسان جي مينڊيٽ تي هنيل ڌاڙو نه ٿو وساري سگهجي، بک هڙتال تي ويهندس ۽ اسان اِهو معاملو عالمي سطح تي هاءِ لائيٽ ڪنداسين.
ImranKhan PTI GOVT