اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وفاقي حڪومت کي پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي کي جيل ۾ سموريون سهولتون ڏيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
پي ٽي آءِ باني کي جيل ۾ سهولتن جي فراهمي ۽ بنياد حقن جي تحفظ بابت درخواست تي چيف جسٽس عامر فاروق لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو.
عدالت وفاقي حڪومت کي هدايتون جاري ڪندي درخواست اڪلائي ڇڏي.
bushrabibi ImranKhan pti