ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته اڄوڪي فيصلي ۾ ” گُڊ ٽو سِي يو “ جي جهلڪ نظر آئي.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته ملڪ ۾ گڊ ٽو سي يو ۽ لاڊلا ازم جي سياست هلي رهي آهي، سپريم ڪورٽ جي اڄوڪي فيصلي سان مونجهارا پيدا ٿيا آهن.
هن چيو ته قانون جي پاسداري ٿيڻ گهرجي لاڏلن جي نه، فيصلي کي پيپلز پارٽي جي قانوني ٽيم ڏسي رهي آهي.
سندس چوڻ هوته عدالتي فيصلن جو سڀ کان وڏو نقصان پ پ کي ٿيو آهي، پشاور هاءِ ڪورٽ ۽ اليڪشن ڪميشن جي فيصلن کي به بلڊوز ڪيو ويو، اليڪشن ڪميشن جي سربراهه جي مقرري به عمران خان ڪئي هئي، عمران خان کي مرسڊيز گاڏي ۾ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو ۽ چيو ته مذمت ڪري ڇڏجان، پ پ جي هڪ اڳواڻ کي انڪري نااهل قرار ڏنو ويو جو ته اوهان هڪ گهر جو ڀاتي لڪايو آهي.
صوبائي وزير چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو عدالتي قتل ڪيو ويو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جون غير آئيني طريقي سان حڪومتون ختم ڪيون ويون، کين عدالتن مان انصاف نه مليو، محترمه ملڪ جي عوام لاءِ ڪم ڪندي هئي، صدر زرداري کي ٻارنهن سال قيد ۾ رکيو ويو.
شرجيل ميمڻ چيو ته اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جهڙي طرح عمران خان ۽ پي ٽي آءِ جي پٺڀرائي ڪئي ان جو مثال تاريخ ۾ نه ٿو ملي، عمران خان پاڪستان جو ڪوڙي ترين شخص طور مشهور هو پر ثاقب نثار کيس صادق ۽ امين جو ٽائٽل ڏنو، ثاقب نثار عمران خان جي مخالفن کي چونڊي چونڊي نشانو بڻايو.
صوبائي وزير چيو ته عمران خان جو ڪردار غير جهموري، غير انساني ۽ غير اخلاقي رهيو آهي، جيڪو پي ٽي آءِ خلاف ڳالهائيندو هو عمران خان سندن خاندان تي حملو ڪرائيندو هو، عمران خان دهشتگرداڻي ۽ بيمار ذهن جي عڪاسي هو.
هن وڌيڪ چيو ته عدالت ۾ پي ٽي آءِ ءِ پارٽي هئي نه ئي درخواستگذار، اليڪشن ڪميشن فارين فنڊنگ ڪيس جو فيصلو ڏنو، عمران خان ڪوڙ ڳالهايو، کيس ڀارت ۽ اسرائيل مان فنڊنگ ٿي آهي، ارشد شريف پنهنجي پروگرام ۾ ٻڌايو ته عمران خان کي فارين فنڊنگ ٿي، عمران خان کي اڄ تائين لاڏلو بڻيل آهي، کيس جيل ۾ سهولتون ڏنيون آهن، هن کي وزيراعظم طور آمريڪا مان لابسٽ جون خدمتون حاصل ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي، هن ملڪ ۾ قانون جي ڪتابن کي پٺي ڏيئي سڀني جي حق ۾ فيصلا ڪري ڇڏيو.
Sharjeelmemon Sindhgovt SC PTI