عوامي ردعمل کانپوءِ سنڌ حڪومت ڪارونجهر تي کوٽائي تان هٿ کڻي وئي

ڪراچي/مٺي(رپورٽ:ذوالفقار راڄپر+غازي بجير)سخت عوامي رَدِ عمل،سنڌحڪومت ڪارونجهر تي مائننگ واري غور تان هٿ کڻي  وئي،کارسر واري پاسي مائننگ تي غور جو انڪشاف،خبرموجب:سنڌ جي عوام جي سخت رَدِعمل بعد سنڌ ڪابينا جي سَڏايل اجلاس ۾ حُڪومت ڪارونجهر جبل تي مائننگ بابت غور ڪرڻ تان به هٿ کڻي وئي آهي،سنڌ حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته سڄي ڪارونجهر کي ثقافتي ۽ ورثي وارو ماڳ، ٻيلن ۽ جهنگلي جيوت جي پناهه گاهه/ رامسر سائيٽ طور تحفظ ڏيڻ ۽ کارسر کي گرينائيٽ جي کوٽائي وارو علائقو قرار ڏنو وڃي جيڪو ٻيلي ۽ جهنگلي جيوت کاتي جي ڪليئرنس سان مشروط آهي ڪابينا اجلاس ۾ ڪارونجهر جي مختلف حصن تي مائننگ ڪرڻ بابت حڪومت کي ڪجھ فيصلا ڪرڻا هئا پر سنڌ جي عوام جي سخت ۾ سخت اعتراضن بعد سنڌ حڪومت پنهنجا سمورا پير پوئتي ڪرڻ تي مجبور ٿي وئي،جڏهن ڪارونجهر جبل جي سلسلي کارسر جبل واري سائيٽ تي لچڪ برقرار آهي،ذريعن موجب ته کارسر واري پاسي جبل جو پٿر اڄ به لڪ چوري ۾ کنيو پيو وڃي،ڄاڻايل کارسر جبل واري پاسي سنڌحڪومت جي لچڪ وارو موڊ ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي،ذريعن موجب ته سنڌ ڪابينا جي اجلاس جي اندروني ڪهاڻي مطابق ته کارسر جبل واري پاسي کڄندڙ پٿر بابت مائننگ تي غور ويچار ڪيو ويو آهي،گذريل ڏينهن ڪابينا اجلاس ۾ ڪارونجهر تي ڪا به کوٽائي نه ڪرڻ سميت ڪارونجهر کي ورلڊ هيريٽيج قرار ڏيڻ تي غور ويچار ڪيو ويو آهي، ڪابينا اجلاس بعد سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ صوبائي وزير سردار شاھ پريس ڪانفرنس ڪئي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي معدنيات ۽ تعليم واري صوبائي وزير سردار شاھ چيو ته ننگرپارڪر ۾ وڏي عرصي کان مائننگ جو مسئلو ھلي رھيو آھي،گذريل حڪومت ۾ به اھوئي مسئلو ھو،پيپلز پارٽي جو موقف آھي ته مقامي ماڻھن جي مرضي کانسواءِ ترقي نه ٿي ٿي سگھي،گرينائيٽ جي مائننگ مقامي ماڻھن جي ناراضگي جي بنياد تي نه ڪئي ويندي،اھو پيپلزپارٽي جو بنيادي ويزن آھي،نگران حڪومت ۾ تمام گھڻا مونجھارا پيدا ڪيا ويا،نگران وزير چوندو رھيو ته مائننگ ڪنداسين،مون ڪارونجھر وڃي سروي ڪرايو آھي،بعد ۾ اھو مسئلو ايس آءِ ايف سي ۾ نيو ويو،جيڪو عمل جوڳو پلان نه ھو،ھن مسئلي تي سنڌ ھاءِ ڪورٽ جا ٻه فيصلا موجود آھن،سردار شاھ چيو ته معدنيات واري نگران وزير چيو ھو ته گرينائيٽ جي ايڪسپورٽ عيوض وڏا فنڊ ملي سگھندا،جيڪو ڪم مقامي ماڻھن جي مرضي جي خلاف ھو ۽ عمل جوڳو  نه ھو،ننگرپارڪر ۾ گرينائيٽ جي مائننگ واري جاءِ کي اڳواٽ ئي تھذيبي ورثو قرار ڏنو ويو آھي ۽ اُن سان ڪيترائي مذھبي عقيدا جڙيل آھن،ننگرپارڪر جو پورو علائقي وائلڊ لائيف سينچوري آھي ۽ اھو واضح ڪيو وڃي ٿو ته ڪارونجھر جبل کي مائننگ لاءِ ڏيڻ جو ڪو به پروگرام ناھي،ڪابينا ھن تاريخي ورثي کي تحفظ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آھي ۽ ڪارونجھر ھر صورت ۾ برقرار رھندو،رڳو ڪارونجھر ئي نه پر پورو ننگر پارڪر محفوظ آھي اھو ڪابينا جو فيصلو آھي،اُن لاءِ ھاڻي اُن تي ڪو به مونجھارو نه ھجڻ گھرجي،ھڪ سوال جي جواب ۾ سيد سردار شاھ چيو ته ننگرپارڪر تمام جلد يونيسڪو طرفان عالمي ورثو قرار ڏنو ويندو،سنڌ ھاءِ ڪورٽ به ڪارونجھر کي ورثو ڊڪليئر ڪرڻ جو چيو آھي، ھڪ سوال جي جواب ۾هن  چيو ته ڪارونجھر ۽ اُن سان لاڳاپيل سڀ چوٽيون محفوظ قرار ڏنيون ويون آھن ۽ اسان سپريم ڪورٽ ۾ اھا رپورٽ ڏينداسين،ھن وقت ننگر پارڪر ڪارونجھر ۾ ڪا به مائننگ نه پئي ٿئي،ھڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ سردار شاھ جو چوڻ ھو ته گذريل نگران وزير کان پڇڻ گھرجي ته ھو ڪھڙي تحقيق تحت گرينائيٽ جي ذخيرن جي ڳالھ ڪندو هو،ھو مائننگ کاتي جو رڪارڊ به کڻي ويو آھي، هن چيو  ته ڪارونجهرکي اڳواٽ ئي تھذيبي ورثو قرار ڏنو ويو آھي ۽ اُن سان ڪيترائي مذھبي عقيدا جڙيل آھن، ننگر پارڪر جو پورو علائقي وائلڊ جهنگلي جيوت جي سونهن سان ڀريل آھي،  ننگر پارڪر تمام جلد يونيسڪو طرفان عالمي ورثو قرار ڏنو ويندو، سنڌ ھاءِ ڪورٽ بھ ڪارونجھر کي ورثو ڊڪليئر ڪرڻ جو چيو آھي ۽ اھو واضح ڪيو وڃي ٿو تھ ڪارونجھر جبل کي مائننگ لاءِ ڏيڻ جو ڪوبھ پروگرام ناھي. ڪابينا ھن تاريخي ورثي کي تحفظ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آھي ۽ ڪارونجھر ھر صورت برقرار رھندو، رڳو ڪارونجھر ئي نھ پر پورو ننگر پارڪر محفوظ آھي اھو ڪابينا جو فيصلو آھي، اُن لاءِ ھاڻي اُن تي ڪوبھ مونجھارو نھ ھجڻ گھرجي . ان موقعي تي سنڌ جي سينئر وزير چيو تھ سنڌ ڪابينا جي اھم اجلاس ۾ اھم فيصلا ڪيا ويا آھن، ڪابينا ڪميٽي ننگرپارڪر کان 25 ڪلوميٽرن پري کارسر واري علائقي وٽ جتي  GSP رپورٽ 2015 موجب گرينائيٽ جي مائننگ جي صلاحيت 3.6 ڪلوميٽرن جي ايراضيءَ جي نشاندهي ڪئي وئي. ڪميٽي رپورٽ ڪيو ته کارسر جو ٻيلي وارن علائقن سان ڪوبه تعلق ناهي. ڪابينا ان کانپوءِ کسر علائقي ۾ گرينائيٽ جي کوٽائي کي ٻيلي ۽ جهنگلي جيوت جي منظوري سان مشروط ڪرڻ جي منظوري ڏني.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.