واٽس ايپ ۾ هڪ اهڙو نئون فيچر متعارف ڪرايو ويو آهي جيڪو هنيئر تائين هن ميسنگ پليٽ فارم جو حصو نه هو.
ويب بيٽا انفو جي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته واٽس ايپ جي اينڊرائيڊ بيٽا ورزن ۾ وائس ميسج ٽرانسڪرپشن نالي فيچر متعارف ڪرايو ويو آهي.
فيچر جي نالي اشارو ملي ٿو ته هاڻي وائس پيغام کي لکت جي صورت ۾ پڙهڻ ممڪن هوندو.
اِهو فيچر ان کان اڳ مئي 2023 ۾ آءِ او ايس ڊيوائسز جي بيٽا ورزن ۾ متعارف ڪرايو ويو جيڪو هاڻ اينڊرائيڊ واهيپدارن لاءِ پيش ڪيو ويو آهي.
هي فيچر اهڙن واهپيدارن لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو جيڪي ٻڌڻ جي سگهه کان محروم هوندا آهن يا کين ٻڌڻ ۾ ڏکيائي جو منهن ڏسڻو پوندو.
جيڪڏهن اوهان وٽ وقت نه هجي ۽ وائس پيغام جو مواد ڄاڻڻ چاهيو ٿا ته ان صورت ۾ به هي فيچر مددگارثابت ٿي سگهي ٿو.
رپورٽ موجب، اِهو فيچر فلحال محدود بيٽا ورزن واهپيدارن کي دستياب آهي ۽ هوريان هوريان اِهو سمورن واهپيدارن لاءِ پيش ڪيو ويندو.
رپورٽ ۾
رپورٽ ۾ فيچر جو هڪ اسڪرين شاٽ پڻ ڏنو ويو آهي جنهن مان اشارو ملي ٿو ته وائس ميسجز کي انگلش، هسپانوي، پرتگالي( برازيل )، روسي ۽ هندي ٻولين ۾ بدلائي سگهجي ٿو.
ويجهي مستقبل ۾ فيچر لاءِ وڌيڪ ٻولين کي سپورٽ به فراهم ڪري سگهجي ٿو.
جڏهن اوهان وائس ميسج ٽرانسڪرپٽ ڪرڻ لاءِ ڪنهن ٻولي جي چونڊ ڪندئو ته واٽس ايپ ۾ اضافي ڊيٽا پئڪيج ڊائون لوڊ ٿيندو ته جيئن اوهان جي پرائيويسي جو تحفظ يقيني ٿي سگهي.
سمورن وائس پيغامن جو ٽيڪسٽ ڊيوائس جي اندر ٽرانسڪرپٽ ٿيندو يعني ڪنٽرول اوهان وٽ هوندو ۽ ڪو ٻيو ان تائين پهچ حاصل نه ڪري سگهندو.
جيئن مٿي لکي چڪا آهيون ته هي فيچر فلحال بيٽا ورزن ۾ متعارف ڪرايو ويندو پر اميد آهي ته تمام جلد سمورا واهپيدارن ان فيچر مان لاڀ حاصل ڪري سگهندا.
You might also like