ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) قومي ڪرڪيٽر حسن علي پي سي بي چيئرمين محسن نقوي جي ٽيم ۾ ” سرجري “ بابت ڏنل بيان تي بي يقيني جو اظهار ڪيو آهي.
هڪ بيان ۾ حسن علي چيو ته مون کي ناهي خبر پي سي بي چيئرمين سجري جو ذڪر ڪهڙي تناظر ۾ ڪيو، ڇا هو سموري پليئنگ اليون تبديل ڪندو؟ اِهو ايڏو سولو ڪم ناهي.
هن چيو ته تمام گهڻي افسوس سان اِهو چئي رهيو آهيان ته اسان وٽ اهڙو بيڪ اَپ نه آهي جو اسان سمورا 11 رانديگر تبديل ڪري سگهون، خبر ناهي ته سرجري ڇا هوندي پر شيون بلڪل درست ٿيڻ گهرجن ۽ ڪرڪيٽ جي بهتري لاءِ قدم کنيا وڃن.