سنيل شيٽي جو انساني اسمگلنگ جي شڪار سوين ڇوڪرين کي ريسڪيو ڪرڻ جو انڪشاف

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ اداڪار سنيل شيٽي انساني اسمگلنگ جو شڪار ٿيندڙ ڇوڪرين کي ريسڪيو ڪرڻ جو انڪشاف ڪيو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، هڪ انٽرويوءَ دوران اداڪار سنيل شيٽي انساني اسمگلنگ جي آپريشن بابت ٻڌائيندي چيو ته هن چار سئو کان وڌيڪ نارين کي ريسڪيو ڪيو آهي.
اداڪار چيو ته هو ۽ سندس سس ڀارت ۾ ٽريفڪنگ نالي هڪ اين جي او هلائيندا هئا جنهن کي بعدِ وپلا فائونڊيشن ۾ بدلايو ويو، سندس سس ۽ ٻين اين جي اوز گڏجي قدم کنيو ۽ سموري دنيا ۾ چار سئو ڇوڪرين کي ريسڪيو ڪيو.
سندس چوڻ هو ته هن ان حوالي سان ڪڏهن به ناهي ڳالهايو ڇو ته اِهو نقصانقڪار ٿي پئي سگهيو ۽ سمورا معاملا وڏي وزير ۽ پوليس ڪمشنر کانسواءِ اعليٰ ترين ڳجهي ٽيم سان طئي ٿيا.
هن وڌيڪ چيو ته اِها ڳالهه ڪرڻ جو مقصد پاڻ کي هيرو ثابت ڪرڻ ناهي، مان هڪ پيغام ڏيڻ چاهيان ٿو، مان جيڪو ڪري سگهيس ڪيو، ان کانپوءِ ڪيئي ماڻهن ساٿ ڏنو پر اصل هيرو پنهنجي سس آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.