اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن فواد چوڌري جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن.
اليڪشن ڪميشن جي ميمبر نثار دراني جي سربراهي ۾ 4 رڪني بينچ پي ٽي آءِ باني ۽ فواد چوڌري خلاف چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ اليڪشن ڪميشن جي توهينِ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ان سلسلي ۾ شعيب شاهين جو مددگار وڪيل ڪميشن آڏو پيش ٿيو.
ٻڌڻي دوران اليڪشن ڪميشن جي ڊپٽي ڊائريڪٽر صائما جنجوعا چيو ته هاءِ ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ جي باني لاءِ ڪو به اسٽي آرڊر ناهي، جنوري ۾ آخري ڀيرو هاءِ ڪورٽ ۾ ان ڪيس جي ٻڌڻي ٿي هئي.
ٻڌڻي دوران ميمبر اليڪشن ڪميشن پڇاڻو ڪيو ته فواد چوڌري ڪٿي آهي؟ سندس وڪيل ڪٿي آهي؟ ڇا سندس گرفتاري وارنٽ جاري ڪريون ؟
جنهن تي مددگار وڪيل چيو ته فواد هاءِ ڪورٽ ۾ مصروف آهي، سندس وڪيل فيصل چوڌري به عدالت ۾ آهي.
اليڪشن ڪميشن ڪي جي ميمبر چيو ته فواد چوڌري جيل ۾ ناهي، سندس وارنٽ جاري ڪيون ٿا.
وڪيل جي حاضري سان ڇوٽ هلي ويندي پر فواد چوڌري ڪٿي آهي، اسان سندس ڪيس جو فيصلو ڪيون ٿا.
اليڪشن ڪميشن فواد چوڌري جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.
Next Post
You might also like