” بابر اعظم کي ڪپتاني هٽائڻ گهرجي ها“

لنڊن ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي چيو آهي ته ايترا موقعا ڪنهن ناهن مليا جيترا بابر اعظم کي مليا آهن.
لنڊن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد آفريدي چيو ته جيترا موقعا بابر اعظم کي مليا ايترا ٻيو ڪنهن ناهن مليا، جهڙي طرح پاڪستان جي ورلڊ ڪپ ۾ ڪارڪردگي رهي سڀ کان پهرين بابر اعظم جي ڪپتاني وڃي ها.
شاهد آفريدي چيو ته بابر اعظم چار ورلڊ ڪپ سيمت ٽن ايشيا ڪپ ۾ ٽيم جي قيادت ڪئي جتي کيس کوڙ سارا موقعا مليا.
قومي ٽيم جي سليڪشن ڪميٽي جي رڪن وهاب رياض ۽ عبدالرزاق کي عهدي تان هٽائڻ بابت شاهد آفريدي چيو ته سچ پڇيو ته پي سي بي جي اهڙي قسم جي سرجري منهنجي سمجهه کان ٻاهر آهي.

You might also like