”6 مهينن اندر دنيا تباهه ٿي ويندي“ بابا وانگا جي اڳڪٿين ٿرٿلو مچائي ڇڏيو

” بلقان جي نوسٽراڊيمس “ جي نالي سان مشهور بابا وانگا 28 سال اڳ هيءَ دنيا ڇڏي چڪو آهي، پنهنجي موت کان اڳ ئي هن يوڪرين ۾ جرنوبل ڊيزاسٽر، شهزادي ڊيانا جي موت، نيويارڪ ۾ نائين اليون حملن ۽ پنهنجي موت بابت بلڪل درست اڳڪٿيون ڪيون هيون.
بابا وانگا طرفان سال 2024 بابت به جيڪو ڪجهه چيو ويو، اِهو سچ ثابت ٿي رهيو آهي.
بابا وانگا 2024 بابت اڳڪٿي ڪئي هئي ته جنگ جي واقعن ۾ اضافو ٿيندو، روس يوڪرين ۽ وري اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ تڪرار دنيا جي آڏو آهي.
ان کانسواءِ هن اڳڪٿي ڪئي هئي ته ايلينز ( خلائي مخلوق ) سان رابطو ٿي سگهي ٿو، ان جي تصديق ته ناهي ٿي سگهي پر ڪيترن ئي ملڪن ۾ اهڙا اڻڄاتل جهاز اُڏامندي ڏسڻ جي دعوائون ڪيون ويون آهن جيڪي هن دنيا جا نٿا لڳن.
ان کانسواءِ سندس اهم اڳڪٿي گلوبل وارمنگ (موسمياتي تبديلين) بابت هئي، هن چيو هوته موسم ڀوائتي ٿيندي ويندي، بدترين گرمي ماڻهن کي پريشان ۽ سندن صحت متاثر ڪندي.
سندس اِها اڳڪٿي گهڻي حد تائين درست ثابت ٿي ۽ پاڪستان سميت سموري دنيا موسمياتي تبديلين جو ڀوائتو روپ ڏسي رهي آهي.
هن پنهنجي اڳڪٿين ۾ ٻوڏن جو ذڪر به ڪيو، جيڪي دنيا جي مختلف ملڪن اچي رهيو آهن.
بابا وانگا چيو ته انسان 2028 تائين زهره سياري تي ويندا، پر فلحال ان حوالي سان ڪا به اڳڀرائي ناهي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.