آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ، پاڪستاني رانديگرٻوٽو نه ٻاري سگهيا

دبئي ( ويب ڊيسڪ ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ( آءِ سي سي ) ٽي ٽوئنٽي پليئرز رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي.
ٽي ٽوئنٽي بيٽنگ رينڪنگ۾ آسٽريليا جي ٽريوس هيڊ جي پهرين پوزيشن برقرار آهي جڏهن ته ڀارت جي سوريا ڪمار ياديو جي ٻي ۽ انگلينڊ جي فل سالٽ جي ٽين پوزيشن آهي.
آءِ سي سي رينڪنگ ۾ پاڪستان جي بابر اعظم جو چوٿون ۽ محمد رضوان جو پنجون نمبر آهي جڏهن ته انگلينڊ جي ڪپتان جوز بٽلر جي ڇهين پوزيشن برقرار آهي.
ڀارت جو رتو راج گائيڪواڙ 13 درجا ترقي ماڻيندي ستين نمبر تي اچي ويو آهي.
بالنگ ۾ انگلينڊ جي عادل رشيد جي نمبر ون پوزيشن برقرار آهي جڏهن ته ڏکڻ آفريڪا جي اينرڪ نورٽجي ج ٻي، سريلنڪا جي وانندو هسارنگا جي ٽين، افغانستان جي راشد خان جي چوٿين پوزيشن آهي.
ٽي ٽوئنٽي جي ٽاپ ڏهن بالرن ۾ ڪو به پاڪستاني بالر جاءِ ناهي ٺاهي سگهيو.
ٽي ٽوئنٽي آل رائونڊرز رينڪنگ ۾ سريلنڪا جي وانندو هسارنگا جي پهرين پوزيشن جڏهن ته ڀارت جي هاردڪ پانڊيا جي ٻي ۽ آسٽريليا جي مارڪوس اسٽوئنس جي ٽين پوزيشن آهي.
ٽي ٽوئنٽي آل رائونڊرز ۾ سڪندر رضا چوٿين ۽ شڪيب الحسن پنجين نمبر تي موجود آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.