الخدمت ڊيبيٽنگ ڪلب جو افتتاح، مشهور شخصيتن جي شرڪت

لاهور (پ ر) الخدمت فائونڊيشن پاڪستان ڊيبيٽنگ ڪلب جو افتتاح ڪيو ويو، جنهن ۾ مرڪزي سيڪريٽري جنرل سيد وقاص جعفري، نائب صدر ڊاڪٽر مشتاق مانگٽ، بشريٰ نديم، جبران بٽ، احمد عمر شعيب سميت يونيورسٽين جي شاگردن، عهديدارن، ڊيبيٽنگ سوسائٽيز جي سربراهن سميت ٻين ناليوارين شخصيتن شرڪت ڪئي.
شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر مشتاق مانگٽ چيو ته الخدمت ڊيبيٽنگ ڪلب نوجوانن لاءِ سماجي ۽ طبقاتي فرق جي خاتمي جو اهم فورم هوندو، مسئلن کي مڪالمي ۽ سهڪار ذريعي حل ڪرائڻ، مضبوط گڏيل ۽ مواصلاتي مهارتن سان گڏ هر طبقي سان واسطو رکندڙ ماڻهن ۾ اعتماد ۽ تنقيدي سوچ پيدا ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻ سميت ڪلب جي قيام جو مقصد طبقاتي فرق کي ختم ڪرڻ ۽ برابري جي بنياد تي هر هڪ کي موقعو فراهم ڪرڻ آهي.
سيد وقاص جعفري چيو ته لفظن جي طاقت سان معاشري جي بگاڙ کي تبديل ڪرڻ مهذب قومن جي نشاني آهي، الخدمت ڊيبيٽنگ ڪلب معاشري کي اهڙو ماحول ڏيندو، جنهن ذريعي عام نوجوان، آغوش ۽ فن ۽ چائلڊ پروٽيڪشن سينٽرن جي ٻارن جي ڀائيواري ٿئي ۽ اهي گڏجي ڪم ڪندي سماجي، قومي ۽ عالمي مسئلن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ پنهنجي علم جو استعمال ڪن ۽ پنهنجي صلاحيتن کي ظاهر ڪن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.