ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت گاڏين جي پريميئم نمبر پليٽس جون قيمتون وڌائڻ جو اعلان ڪيو آهي.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سينئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت ٽيڪس ڪليڪشن لاءِ ايڪسائيز کاتي کي 130 ارب رپين جو هدف ڏنو هو، پر اسان هدف کان وڌيڪ ٽيڪس جمع ڪيو، ڪجهه ماڻهو ٽيڪس ڏيڻ چاهيندا آهن پر قطارن ۾ بيهڻ کان لنوائيندا آهن.
شرجيل ميمڻ چيو ته ٻوڏ متاثرن لاءِ دنيا جي سڀ کان وڏي رهائشي اسڪيم شروع ڪئي ۽ 21 لک خاندانن کي رهائش فراهم ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو.
صوبائي وزير ٻڌايو ته پريميئم نمبر پليٽس جي نيلامي ۾ اسان کي سٺو فيڊ بيڪ مليو، اسان نيلامي ۾ نمبر پليٽ جا اگهه وڌائڻ وڃي رهيا آهيون، پهريان اهو پريميئم نمبر پليٽس سفارش تي ڏنيون وينديون آهن ۽ قيمتون به گهٽ هيون.
هن جو چوڻ هو ته جڏهن کان هي حڪومت آئي آهي، نارڪوٽڪس ونگ 141 ڪارروايون ڪيون، انهن ڪاررواين ۾ 158 جوابدارن کي گرفتار ڪري 114 گاڏيون به هٿ ڪيون ويون، سمورن صوبن کي ملي ڪري منشيات خلاف ڪارروايون ڪرڻيون پونديون.
Pakistan SindhGovt SharjeelMemon