چوڌري پرويز الاهي پي ٽي آءِ ڇڏڻ وارو

اسلام آباد (عمر چيما ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ چوڌري پرويز الاهي چيو آهي ته مون سان جيڪو ڪجهه به ٿيو ان جو ذميوار محسننقوي آهي. جيل کان آزاد ٿيڻ کان پوءِ پرويز الاهي خاموشي اختيار ڪئي، جنهن جو کيس فائدو ٿيڻ لڳو آهي ۽ عدالتي حڪم تي سندس نالو اي سي ايل مان ڪڍيو ويو آهي جنهن سبب هو پنهنجي گهرواريءَ ۽ پٽ سميت ٻاهرين ملڪن جو سفر ڪري سگهي ٿو. چوڌري پرويز الاهي جي آزادي هڪ ڊيل جو نتيجو آهي ۽ هو پاڪستان تحريڪ انصاف کي ڇڏي ويندو جڏهن ته پرويز الاهي پنهنجي خاندان جي ماڻهن سان ملاقات جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جو سبب چوڌري خاندان ۾ موجود رنجشون ۽ اختلاف ختم ڪرڻ آهي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اڱارو 09 جولاءِ 2024ع تي شايع ٿيو

ChaudhryPervaizElahi PTI ImranKhan

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.