عليمه خان عمران جي آزاديءَ لاءِ سرگرم، ڊيل جون ڪوششون

اسلام آباد (معظم فخر): پي ٽي آءِ باني عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان سندس آزاديءَ لاءِ سرگرم ٿي وئي آهي ۽ هن اسلام آباد ۾ اسٽيبلشمنٽ جي ڪجهه اهم شخصيتن سان ملاقاتون ڪيون آهن. ان کان اڳ عمران خان جي گهرواري بشرا بي بي به اهڙي ڪوشش ڪري چڪي آهي پر کيس تڏهن ناڪامي نصيب ٿي هئي. ذريعن موجب عمران خان جي اسٽيبلشمنٽ سان ڪا ڊيل ٿئي ٿي ته اها عليمه خان ذريعي ئي ٿي سگھي ٿي. چيو پيو وڃي ته اسٽيبلشمنٽ پي ٽي آءِ کي مائينس عمران خان قبول ڪرڻ لاءِ تيار آهي، جيڪڏهن ڊيل ٿي وئي ته عمران خان کي مائينس ڪري عليمه خان پي ٽي آءِ جي قيادت سنڀاليندي. ٻڌايو وڃي ٿو ته عليمه خان اسٽيبلشمنٽ کي خاطري ڪرائي آهي ته عمران خان آزاديءَ کانپوءِ اسٽيبلشمنٽ خلاف بيان بازي نه ڪندو. هو آزاديءَ کانپوءِ ٻن سالن لاءِ برطانيا ويندو. ذريعن موجب عمران خان جا پٽ قاسم ۽ سليمان جلد پاڪستان پهچي عمران خان سان جيل ۾ ملاقات ڪندا. ذريعن موجب اهو عليمه خان جو ئي منصوبو آهي، هوءَ عمران خان کي پٽن ذريعي ڊيل لاءِ راضي ڪندي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اڱارو 09 جولاءِ 2024ع تي شايع ٿيو

PTI ImranKhan AleemaKhan

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.